ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي عالمن جي گڏيل فتويٰ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي عالمن فتويٰ ڏني آهي ته وبا کان احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪرڻ نبي صه جي سنت آهي.

ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي ممتاز عالمن طرفان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي وئي جنهن ۾ رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مفتي منيب الرحمان، مفتي تقي عثماني ۽ علامه شهنشاهه نقوي سميت ٻين عالمن شرڪت ڪئي.

مفتي تقي عثماني جو چوڻ هو ته اسان کي پنهنجي گناهن تي معافي گهرڻ جي ضرورت آهي، توبه استغفار کان سواءِ ڪورونا وائرس مان ڇوٽڪارو ممڪن ناهي، اسان الله تعاليٰ ڏانهن رابطو ڪنداسين ته وبا مان ڇوٽڪاري حاصل ڪري وينداسين.

هنن وڌيڪ چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس تباهي مچائي ڇڏي آهي، وبا رڳو الله جي مرضي سان ايندي آهي ۽ انهيءَ جي مرضي سان ويندي آهي، قرآن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مصيبتون اسان عملن جي ڪري اينديون آهن، اسان مختلف طريقا اختيار ڪيا جيڪي آفت جو سبب بڻجن ٿا.

مفتي منيب الرحمان:

رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مفتي منيب الرحمان جو چوڻ هو ته مسجدن ۾ باجماعت نماز جاري رهندي ان ڪري شهري وضو ڪري گهرن مان نڪرن جڏهن ته بيمار گهرن ۾ ئي نماز پڙهن.

هن هدايتون ڏنيون ته مسجدن مان قالين هٽايو ۽ مسجدن جي دروازن تي سينيٽائرز لڳايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.