وزيراعظم جا قدم ناڪافي قرار، وفاق قيادت ڪري: پ پ چيئرمين

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪري، ڪورونا وائرس جي وبا سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهي، اسان سڀني کي گڏجي ان سان مقابلو ڪرڻو آهي.

ويڊيو لنڪ ذريعي پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب ماڻهو مري رهيا آهن، اهي ملڪ جن جو صحت نظام بهترين هو، اهي به وائرس سان متاثر ٿيا آهن، وفاقي حڪومت کي ڪورونا وائرس جي معاملي تي سنجيده قدم کڻڻ گهرجن، کين وينٽي ليٽرن جو انگ وڌائڻ گهرجي، وفاق کي اهڙا قدم کڻڻ گهرجن، جنهن سان وائرس جي روڪٿام ٿئي.

هن چيو ته اسان کي سنجيده ٿي وائرس جو مقابلو ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن اهو پکڙجي ويو ته ضابطو ڏکيو ٿي ويندو، چاهيون ٿا ته وفاق قيادت ڪري ۽ قدم کڻي.

سندس چوڻ هو ته لاڪ ڊائون سان گڏوگڏ آئسوليشن کي به يقيني بڻائڻو آهي، اسان کي اسڪريننگ ۽ ٽيسٽنگ جا وسيلا وڌائڻ پوندا، ڊبليو ايڇ او پاڪستان جي صورتحال کي ڪلاسيفائيڊ قرار ڏنو آهي.

پ پ چيئرمين مطالبو ڪيو ته حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻي، بجلي ۽ گئس جا بل معاف ڪيا وڃن، لوڊشيڊنگ مڪمل طور ختم ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهو ڏکيائين کي منهن نه ڏين، وزيراعظم جيڪي قدم کنيا آهن، اهي ڪافي ناهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.