ٿر ۾ سماجي وٿيءَ لاءِ بهترين طريقو، سامان وٺڻ ايندڙن ۾ فاصلو قائم

 

مٺي (رپورٽ: غازي بجير) ٿر ۾ ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ انتظاميا بهترين فارمولو ڳولي ورتو ۽ دڪانن تان سامان وٺڻ لاءِ آيلن ۾ وٿي قائم ڪرڻ لاءِ گول ليڪا ٺاهي ماڻهن کي 5-5 فوٽ پري بيهاريو ويو.

ٿر ۾ ضلعي انتظاميا ڪورونا وائرس جي خطري کي نظر ۾ رکندي عوام ۾ سماجي وٿي قائم ڪرڻ خاطر کليل دڪانن تان سامان خريد ڪرڻ لاءِ بهترين حل ڳولي ورتو آهي ۽ ماڻهن کي گول ليڪا ٺاهي پنج پنج فوٽ پري بيهاري سامان خريد ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ان ڏس ۾ سمورن شهرن ۾ سبزي جي دڪانن، ريزڪي توڙي ٻين دڪانن تان سامان خريد ڪرڻ بابت گول دائرا ٺاهي اُنهن اندر ماڻهن کي بيهاري سامان خريد ڪرڻ بابت سمجهايو ويو.

ڊي سي ٿرپارڪر ڊاڪٽر شهزاد طاهر ٿهيم جو چوڻ هو ته اهو طريقو بهتر رهندو، ان سان رش به ٿيندي ۽ ماڻهو بهتر نموني سامان خريد ڪري سگهندا، جڏهن ته وائرس پکڙجڻ جو خطرو به گهٽجي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.