قمبر: بااثر آپي کان ٻاهر ، عورت جي تذليل، گھر کي باهه

عوامي آواز رپورٽ
قمبر: بااثر آپي کان ٻاهر ، عورت جي تذليل، گھر کي باهه
عوامي آواز رپورٽ قمبر: بااثر آپي کان ٻاهر ، عورت جي تذليل، گھر کي باهه

قمبر ۾ با اثرن پيرسن عورت جي تذليل ڪري مٿي جا وار ڪوڙي ڇڏيا

ڳوٺ ٺوڙهي بجار ۾ بااثرن جو پيرسن عورت مسمات ڪمالان خاتون جي مٿي جا وار ڪوڙي منهن تي ڪارنهن ملي تشدد ڪرڻ بعد سندس گهر کي باهه ڏئي ڇڏي جنهن بعد پيرسن عورت ٿاڻي تي اطلاع ڏيڻ بعد پريس ڪلب پهتي چ

ميڊيا سان ڳالهائيندي مسمات ڪمالان چيو ته ٻارن جي ڳالهه تان ڳوٺ جي بااثرن سلطان تنيو، رانجهن تنيو، مجاهد علي ۽ ٻين گهر تي ڪاهه ڪري مارڪٽ ڪري مٿي جا وار ڪوڙڻ بعد گهر جي لوڙهي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو

واقعي جو ايس ايس پي قمبر نوٽيس وٺي متاثر عورت کي گهرائي انصاف جو يقين ڏياريو جڏهن ته حد جي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ بعد پوليس جوابدرن جي ڳولا جاري ڪري ڇڏي آهي

هوڏانهن واقعي جو ڊي آئي جي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.