اڏيري لال لڳ بٺن تي پورهيت ڪم ۾ مصروف

اوڏيرولال اسٽيشن(رپورٽ: فقير سڪندر) سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون واري اعلان کي سرن جي ٻٺن مالڪن ٿڏي ڇڏيو اوڏيرولال اسٽيشن جي ٻهراڙين جي ڳوٺن نوبت مري قيصر سينهڙو ، خليفو فيض محمدهنڱورو ،  ڳوٺ جان محمد هنڱورو قيصر ڳوٺ ، پنهون هنڱورو ، سميت آس پاس جي ڪيترن هي ڳوٺن ۾ 15 کان وڌيڪ  سرن جا ٻٺا هلندڙ جتي هڪ وقت پورهيت معصوم ٻارڙا، عورتون مرد  سرن جي بٺن تي هڪ هي هنڌ ويهي ڪم ڪن ٿا جنهن جو تعداد  15 کان 20 هجي ٿو جڏهن ته حڪومت پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته  4 کان 5  ماڻهو  هڪ هنڌ گڏ نه ٿين پر سروي دوران ڪيترن هي عورتن معصوم ٻارڙن ۽ مردن کي هنڌ گڏ ڪم ڪندي ڏٺو جڏهن سرن جي بٽن مالڪن جي اهڙي عمل ۽ ايتر ماڻهن کي هنڌ ڪم ڪرائڻ کان پوءِ ڪورونا وائرس جي ڦهلجڻ جو خطرو آهي سرن جي بٽن تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جو تعلق پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن سان آهي اوڏيرولال اسٽيشن جي سماجي اڳواڻن عزت علي برهماڻي . احساس ميرل سهتو ، جمن عمراڻي ، ٻين چيو ته ٻين ڪاروباري مرڪزن جيان سرن جي بٺن کي مڪمل بند ڪري سرن جي بٺن مالڪن کي پابند بڻايو وڃي ته اهي پورهيتن کي باقائده پگهارون به جاري ڪنن. طرف سرن جي بٺن تي موجود انچارج جو چوڻ اهو ت اسان کي ضلعي انتظاميه پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان ڪجهه به وارننگ نه ڏنو ويو آهي  جڏهن ته سرن جي بٺن مان نڪرندڙ دونهون سبب علائقي ۾ مختلف بيماريون به ڦهلجي  رهيون آهن جنهن جو انتظاميه ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.