عمران هاشمي جو ’’ڪسنگ سين‘‘ ڪرڻ بعد زال جي خواهشن بابت وڏو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار عمران هاشمي انڪشاف ڪيو آهي ته فلمن ۾ ڪسنگ سين ڪرڻ بعد گهر واري ساڻس ناراض ٿي ويندي هئي.

هڪ انٽرويو ۾ عمران هاشمي چيو ته مونکي هميشا ڪسنگ سين جي ڪري سڃاتو ويندو آهي پر هاڻي آئون ان کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.

41 هي سالگرهه جي موقعي تي اداڪار چيو ته هو جڏهن به ڪنهن فلم ۾ ڪسنگ سين ڪندو آهي ته سندس زال ناراض ٿي ويندي آهي، جنهن کي پرچائن لاءِ کيس وڏي جفاڪشي ڪرڻي پوندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن کيس ويڪيشن تي وٺي وڃڻو پوندو آهي.

هن چيو ته اڳي آئون هر فلم ۾ 10 ڪسنگ سين ڪندو هئي، اتي هاڻي آئون رڳو هڪ ڪسنگ سين ڪندو آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.