سماجي وِِٿي ۽  قرنطينه جو مطلب ڇا آهي؟

جڏهن اسان ڪنهن عالمي وبا کي منهن ڏئي رهيا هجون ته عام ماڻهو لاءِ ان بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ اهم هوندو آهي.

ان ڄاڻ ۾ پنهنجي تحفظ جي ڄاڻ سڀ کان اهم هوندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن اها ڄاڻ مونجهاري ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي ڇو جو ماڻهو ان جي اصطلاحن جو مطلب ناهي سمجهي سگھندا جن کي اختيار ڪرڻ جو مشورو کين ڏنو ويندو آهي.

ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ کان پوءِ سوشل ڊسٽنسنگ يا سيلف آئسوليشن جهڙا اصطلاح به ڪجهه اهڙا ئي لفظ آهن. ان مضمون جي مدد سان ڄاڻيو ته سماجي وٿي ۽ سيلف آئسوليشن اختيار ڪرڻ جو مطلب ڇا آهي ۽ اهو به ته اوهان انهن قدمن سبب ڪيئن محفوظ رهي سگھو ٿا.

سوشل ڊسٽنسنگ يا سماجي وٿي ڇا آهي؟

عوامي صحت کي نظر ۾ رکندي سوشل ڊسٽنسنگ جو مطلب اُهي قدم آهن جن ذريعي اوهان ماڻهن جي وڏن گروهن کان پري رهي سگھو ٿا.

جيڪڏهن سماجي وٿي جو ملطب ڪڍيو وڃي ته اهو اِهو آهي ته ٻين ماڻهن کان تمام غير ضروري رابطو ختم ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي غير ضروري سفر کان به پاسو ڪيو وڃي.

جيڪڏهن اوهان سماجي وٿي اختيار ڪري  رهيا آهيو ته اوهان کي اهڙن سڀني ماڻهن سان رابطو ڪٽڻو يا گھٽ کان گھٽ ڪري ڇڏڻ گھرجي جن سان ملڻ انتهائي ضروري نه آهي.

يعني اوهان شاپنگ مرڪزن، سينيما، ڪلب يا باغن جهڙن عوامي هنڌن تي وڃڻ کان پاسو ڪيو.

ممڪن هجي ته آفيس به نه وڃو ۽ گھر ۾ ويهي ڪم ڪيو. ان کان سواءِ ڪنهن به اهڙي جاءِ جو سفر ڪرڻ کان پاسو ڪيو جتي وڃڻ کان سواءِ اوهان جو گذارو نه هجي.

جيڪڏهن اوهان ڪنهن فرد سان ملي به رهيا آهيو ته ڪوشش ڪيو ته ان کان اوهان جو فاصلو گھٽ ۾ گھٽ هڪ ميٽر هجي.

سيلف آئسوليشن  ڇا آهي؟

سيلف آئسوليشن سماجي وٿي کان هڪ قدم اڳتي جي ڳالهه آهي. ان جو مطلب آهي ته اوهان پاڻ کي سڄي دنيا کان ڌار ڪري ڇڏيو  پنهنجي گھر ۾ به رابطو محدود ڪيو.اهو عمل اهڙا ماڻهو اختيار ڪري رهيا آهن جيڪي يا ته ڪنهن اهڙي ملڪ کان آيل آهن جتي ڪورونا وائرس موجود هو يا وري انهن جي ويجهي فرد ۾ ان وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

ان سلسلي ۾ عام فهم قدمن مان هڪ هوادار ڪمري ۾ رهڻ شامل آهي جنهن جون دريون کلي سگھن. ان کان سواءِ اوهان کي گھر جي ٻين ماڻهن کان پري رهڻو پوندو ۽ اوهان سان ملاقات لاءِ ِ مهمان نه اچي سگھندا.

جيڪڏهن اوهان کي سامان يا دوائن جي ضرورت هجي ته ڪنهن جي مدد حاصل ڪيو. دوستن، خاندان وارن يا سامان پهچائيندڙ ڊرائيور جي مدد سان سامان حاصل ڪرڻ ۾ به مسئلو نه آهي.

سامان در جي هيٺان ريڙهي ڏئي سگھجي ٿو. جيڪڏهن سامان وزني آهي ته ڏيندڙن کي سامان در تي رکي وڃڻو پوندو. اوهان انهن سان نٿا ملي سگهو.

جيڪڏهن اوهان پاڻ کي ڌار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ گھر جو بورچي خانو گڏيل آهي ته ان وقت ڪچن استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو جڏهن گھر جو ٻيو فرد اتي موجود هجي. کاڌو پنهنجي ڪمري ۾ کڻي وڃي کائو.

جيتوڻيڪ اوهان لاءِ اهو  ممڪن نه هوندو ته اوهان مڪمل طور تي پنهنجو پاڻ کي گھر وارن يا گڏ رهندڙن کان ڌار ڪري سگهو پر هر ممڪن ڪوشش ڪيو ته گھٽ کان گھٽ ميل جول ٿئي جڏهن ته گھر ۾ گڏ رهندڙن کان گھٽ ۾ گھٽ 6 فٽن جو مفاصلو رکو ۽ ڌار سمهو.

اهڙا ماڻهو جي سيلف آئسوليشن ۾ رهندڙ ماڻهن سان گڏ رهن ٿا ته  اهي پنهنجا هٿ صابڻ ۽ پاڻي سان باقاعدگي سان گھٽ ۾ گھٽ 20 سيڪنڊن تائين ڌوئن.

اوهان کي سيلف آئسوليشن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ ٽاول، ضرورت جون شيون استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.

ان لاءِ ڌار بيت الخلا هجڻ گھرجي ۽ جيڪڏهن ائين ممڪن نه آهي ته آئسوليشن ۾ رهندڙ شخص کي سڀ کان آخر ۾ بيت الخلا استعمال ڪرڻ گھرجي ۽ استعمال کان پوءِ سٺي طرح صاف ڪرڻ گھرجي.

اهو به خيال رهي ته سيلف آئسوليشن ۽ آئسوليشن هڪ شيءِ جا ٻه نالا نه آهن.

سيلف آئسوليشن لاءِ اوهان جو بيمار هجڻ ضروري نه آهي جڏهن ته طبي سائنس جي ٻوليءَ ۾ آئسوليشن جو مطلب ڪنهن متعدي بيماري جي شڪار فرد کي مڪمل اڪيلائي ۾ رکڻ آهي ته جيئن ان سان اها بيماري ڪنهن تندرست شخص کي نه لڳي سگھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.