ڪمار سنگاڪارا ۽ گلين ميڪسويل به قرنطينا ۾ هليا ويا

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي سري لنڪن ڪپتان ڪمار سنگاڪارا ۽ آسٽريلوي ڪرڪيٽر گلين ميڪس ويل به ڪورونا وائرس جي خدشي سبب پاڻ کي قرنطينه جي حوالي ڪري ڇڏيو.

ايم سي سي جي صدر ۽ اڳوڻي سري لنڪن ڪپتان ڪمار سنگاڪارا واضح ڪيو آهي ته هن ۾ ڪورونا وائرس جي ڪا علامت ظاهر ناهي ٿي، قرنطينا لاءِ حڪومتي هدايتن تي عمل ڪري رهيو آهيان، اهو رويو اسان سڀني کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، هر شخص کي ڪورونا کان بچاءُ لاءِ اهو حفاظتي اپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي.

ٻئي پاسي آسٽريلوي ڪرڪيٽر گلين ميڪسويل به تنهائي اختيار ڪري ورتي.

ان موقعي تي ميڪسويل چيو ته هڪٻئي جي مدد ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪٻئي کان پري رهڻو پوندو، اڻڄاڻائي سبب اسان پنهنجي پيارن کي مرڻ نٿا ڏئي سگهون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.