کُلين ڪچهرين جي رزلٽ زيرو ڇو؟

غازي بجير

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اهو فيصلو ڪندي حڪومت سنڌ کي هدايت ڪئي ته سڄي سنڌ ۾ وزير، صلاحڪار ۽ چونڊيل نمائندا وڃي، ڪري عوامي کلي ڪچهريون ڪوٺائي مسئلا حل ڪن، جنهن بعد سڄي سنڌ ۾ کلين ڪچهرين جو سلسلو شروع ٿيو، هر نئين ڏينهن مختلف شهرن ۾ کليون ڪچهريون ٿيندي نظر آيون ۽ ٿيندڙ هر ڪچهري ۾ شريڪ ٿيندڙ وزيرن، مُشيرن توڙي چونڊيل نمائندن کي عوام سڌيون سَت سُريون ٻُڌائيندي نظر ٿي آئي، ماڻهو شڪايتون ائين ڪندي نظر آيا، ڄڻ هنن کي چونڊيل نمائندا اليڪشن بعد مليا ئي اڄ هجن ۽ واقعي هو به ائين، اليڪشن بعد سمورن تڪن جا چونڊيل نمائندا ووٽرن کي اُنهن ڪچهرين ۾ هٿ آيا نه ته ڪٿي ڳوليا نہ لڌا، بهرحال ڪچهريون خوب ٿيون ۽ ماڻهن مسئلن جا ايترا ته انبار لڳائي فائيل پيش ڪيا جو شريڪ ٿيندڙ وزير به ڇرڪجي ٿي ويا، مسئلا هوئين پوري سنڌ ۾ گهڻائي آهن، انهن مسئلن جو سمورو سبب هتان جا چونڊيل نمائندا آهن، جيڪو پنهنجي پٽڪي بچائڻ خاطر حڪومت کي غلط ٻُڌائين ٿا ته هر هنڌ سب ٺيڪ آهي، پر پوري سنڌ ۾ صورتحال اُنهي جي اُبتڙ آهي، پيئڻ جي صاف پاڻي، صحت، تعليم، روڊن رستن سميت هر بنيادي سهولتن جي اڻهوند آهي، ماڻهو خطرناڪ بيمارين وگهي تڙپي تڙپي مري رهيا آهن، پر حڪومت ڪو ڌيان نه ٿي ڏي.

سنڌ جي باقي ضلعن کي ڇڏي رڳو ڳالھ ضلعي ٿرپارڪر جي ڪيون ته هتي ملڪ ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين رڳو مسئلا ئي مسئلا آهن، جنهن ۾ اهم بنيادي مسئلو پيئڻ جي صاف پاڻي جو آهي، سنڌ حڪومت اربين روپين جا آر او پلانٽس لڳايا، پر ڪو فائدو نه ٿيو ۽ اڄ اربين روپين جا پلانٽس ناڪاره بڻجي ويا آهن. پهرين ڪچهري صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي مٺي ۾ ڪئي ۽ بعد ۾ ساڳئي ڪچهري اسلام ڪوٽ ۾ منعقد ٿي، ماڻهن روينيو، صحت کاتي، تعليم ۽ پاڻي سميت مختلف مسئلن تي دانهيو، پوليس خلاف دانهون ٿيون، وڏي هاءِ گهوڙا ٿي، صوبائي وزير توڙي صلاحڪار ۽ چونڊيل نمائندن تسليم ڪيون ته سمورا مسئلا جائر آهن، هفتي اندر حل ڪيون ٿا.

مٺي ۾ ڪوٺايل کلي ڪچهري کي مهينا گذري ويا، اسلام ڪوٽ واري کلي ڪچهري کي مهينو ٿئي پيو پر مسئلو هڪ به حل ڪونهي ٿيو، جيڪو مسئلا جيئن جو تئين هيا اُهي برقرار آهن، مسئلا حل ڪرڻ ۾ يا ته انتظاميا رڪاوٽ بڻيل آهي يا چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي آهي، ڪا ته مرض آهي، جيڪو مسئلن جي بيماري جو علاج نٿو ٿئي، اسلام ڪوٽ ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ ۾ صوبائي وزير مير تيمور ٽالپر، صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي سميت چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا پاران مسئلن جي حل لاءِ ڪوٺايل کُلي ڪچهري جي رزلٽ زيرو آهي، 20 ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود مقامي سطع جا مسئلا به حل ناهن ٿي سگهيا، شهر اندر پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، آر او پلانٽس خراب هجڻ سميت واٽر سپلاءِ جي پاڻي جي فراهمي به متاثر ٿي وئي آهي، پبلڪ هيلٿ کاتي جي لاپرواهي سبب شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن، ٽائون انتظاميا به مسئلن جي حل طرف ڪو سنجيده ڌيان ناهي ڏنو، جنهن سبب شهر ۾ مختلف مسئلن جا انبار لڳي ويا آهن، گندگي وڌڻ سبب مڇرن به رڻ ٻاري ڏنو آهي، مڇرن جي آزار سبب مليريا پکڙجڻ جو خطرو وڌي ويو آهي، اُنهي سان گڏ اسٽريٽ لائٽون به خراب پيل آهن، سي سي ٽي وي منصوبو ناڪام ٿيڻ بعد ٻيهر بحال ناهي ٿي سگهيو، شهر اندر وڏين گڏين جي داخلا تي لاڳو ڪيل پابندي کي ٽريفڪ پوليس ٿُڏي ڇڏيو، گاڏين کي روڪڻ لاءِ لڳايل لڪڙي جي باوجود ٽريفڪ عملدار پسند نا پسند تحت وڏين گاڏين کي شهر اندر داخل ڪرائي رهيا آهن، جنهن سبب شهر ۾ ٽريفڪ جو نظام هڪ دفعو ٻيهر درهم برهم ٿي ويو آهي، مقرر اهلڪار رڳو تماشو ڏسڻ ۾ پورا آهن. اُنهيءَ سلسلي ۾ شهر اندر گاڏين جي اڏن سبب رش وڌي وئي آهي ۽ روڊ سڄو ڏينهن مڪمل طور تي بلاڪ هجن ٿا، جنهن سبب شهري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ڪجھ ڏينهن اڳ ۾ صوبائي وزيرن سميت ضلعي انتظاميا جي کلي ڪچهري دوران عوامي شڪايتن تي ڊي سي ٿرپارڪر ۽ ايس ايس پي پاران شهر اندر وڏين گاڏي جي داخلا تي پابندي هڻندي لڪڙو لڳائي وڏي ٽريفڪ جي شهر اندر داخلا تي پابندي لڳائي هئي، پر لڪڙو قائم ڪرڻ جي باوجود شهر جي حالت ساڳئي آهي، لڪڙي تان به ٽريفڪ اهلڪار پاڻ وڏين گاڏين کي شهر اندر ڇڏي رهيا آهن، شهرين مطالبو ڪيو تہ نوٽيس وٺي شهر اندر وڏين گاڏين جي داخلا صبح کان شام تائين بند ڪئي وڃي ته جيئن شهري سڪون سان اسپتالن تائين پهچي سگهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.