ڪراچي ۾ ماسڪ ۽ سينيٽائيزر مھانگو وڪرو ڪندڙن خلاف پوليس حرڪت ۾ اچي وئي

لياري (رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو) آئي جي سنڌ جي جي حڪم تي ڪراچي ۾ فيس ماسڪ ۽ سينيٽائيزر مھانگو وڪرو ڪندڙن خلاف پوليس حرڪت ۾ اچي وئي.

تفصيل موجب ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ شھر ۾ فيس ماسڪ ۽ سينيٽائيزر ھينڊ واش مھانگي اگهھ تي وڪرو ڪرڻ خلاف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران آئي جي سنڌ کي سختي سان ھدايت ڪئي ھئي ته ڪراچي ۾ فيس ماسڪ، سينيٽائيزر ھينڊ واش مھانگي اگھه تي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري انھن کي گرفتار ڪيو وڃي.

بعد ۾ آئي جي سنڌ مشتاق احمد مھر پاران پوليس کي منافي خورن خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏنو جنھن کانپوءِ سائوٿ زون پوليس ايس ايڇ او کارادر، اس ايڇ او ڊفينس پاران 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري مٿن 188 تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي.

گرفتار ٿيلن ۾ عمران انور، محمد حنيف، ظفرر علي، محمد نويد، انيس، زاھد، ڪيلاش ۽ حارث سليم شامل آهن، جڏھن ته زاھد  وٽان شيشا فليور ۽ پان پراگ گٽڪا پڻ هٿ ٿيا جنھن جي مٿان 337 ۽ 188 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.