افغان امن معاهدو: طالبان ۽ آمريڪا 29 فيبروري تي صحيحون ڪرڻ لاءِ تيار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ طالبان افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ تاريخي معاهدي تي 29 فيبروري تي صحيحون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ ڏهاڪن کان جاري جنگ ختم ٿي ويندي.
آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ مائيڪ پومپيو ۽ طالبان ٻنهي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هو هڪ هفتي جي جزوي صلاح بعد 29 فيبروري تي دوحا ۾ معاهدي تي ڳالهيون ڪرڻ تي راضي ٿي ويا آهن.
پومپيو جو چوڻ آهي ته ان اتفاق راءِ جي ڪاميابي تي اڳتي وڌڻ لاءِ آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ معاهدو متوقع آهي.
سندس چوڻ هو ته طالبان ۽ افغان حڪومت وچ ۾ ڳالهيون به تمام جلد شروع ٿي وينديون.
آمريڪي نمائندي مائيڪ پومپيو پنهنجي ٽوئيٽر تي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڏهاڪن جي تڪرار بعد اسان پوري افغانستان ۾ ڪاررواين ۾ گهٽتائي لاءِ طالبان سان گڏ رضامندي ڪري چڪا آهيون.
هن چيو ته امن جي ڊگهي سفر ڏانهن هي هڪ اهم قدم آهي ۽ اسان تمام افغانين کان مطالبو ڪريون ٿا ته ان موقعي کي وڃڻ نه ڏنو وڃي.
ان کان اڳ افغان قومي سلامتي ڪائونسل جي ترجمان جاويد فيصل ۽ طالبان ذريعن چيو هو ته آمريڪا، طالبان ۽ افغان سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ ڪاررواين ۾ گهٽتائي جي شروعات جلد ٿي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.