مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي

اڄ مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. اهو ڏينهن بنگالين جي مادري ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ واري جدوجهد جي پسمنظر ۾ مخصوص ڪيو ويو آهي

مادري ٻولي سان هر ماڻهوءَ جو هڪ فطري ۽ جذباتي لڳاءُ هوندو آهي پنهنجي وطن، پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي ثقافت سان پيار  سان گڏ اهو انفرادي  ۽ قومي فرض  ۽ قرض به هوندو آهي ته هر ماڻهو پنهنجي وطن، ٻولي ۽ انجي ثقافتي وجود کي سنڀاليندو  ۽ ترقي ڏياريندو اچي. اهو انفرادي طور تي هر باضمير ۽  محب وطن  ماڻهوءَ جو فرض ۽ وطن، ٻولي  توڙي ثقافت جو مٿس حق هوندو آهي.  جيڪي ماڻهو يا قومون پنهنجي وطن، ٻولي ۽ ثقافت  کي وساري ڇڏيندا آهن، نظرانداز ڪندا آهن، انجي واڌ ويجهه بدران ان کي نيست ۽ نابود ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهن ۽ دشمنن سان گڏجي  ويندا آهن تن کي “غدار” سمجهيو ويندو آهي.

ان پسمنظر ۾ اسان جي ملڪ جي مادري ٻولين کي قومي ٻولين واري حيثيت ڇو ناهي مليل تنهن کي ڏسڻ  ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي. تاريخي پسمنظر ڏسجي ته هن ملڪ کي مذهب جي بنياد تي بڻايو ويو، مسلمانن کي قوم جو درجو ڏنو ويو. قومن ۽ ان جي ٻولين کي ان صورت ۾ نظرانداز ڪيو ويو، جيڪو سلسلو اڃا تائين قائم آهي.

جڏهن ته زميني حقيقتون اهي آهن ته عام ماڻهن جو پنهنجي ٻولي ۽ قوم سان بيحد جذباتي وابستگي هوندي آهي ۽ پاڪستان ۾ ته خاص ڪري قومي جذبو عام رهيو آهي ان باوجود هن ملڪ اندر قومون ۽ ان جون ٻوليون بيدردي سا نظر انداز ٿينديون رهنديون آهن ان جو اثر  قومي اسيمبلي ۾ موجود چونڊيل نمائندن تي به پيل آهي جو اهي پنهنجي پنهنجي مادري ٻولين جي واڌ ويجهه لاءِ پنهنجو بنيادي ۽ اخلاقي فرض ادا ڪرڻ ۾ ڪو ساراهه جوڳو ڪردار ادا ناهن ڪري سگهيا. باوجود ان جي ته پ پ جي 2008 واري حڪومت ۾ مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ جون ڪوششون به ٿيون پر اهو معاملو قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽينن کان اڳتي وڌي نه سگهيو. ان سلسلي ۾ سسئي پليجو،  يوسف ٽالپر جو خاص طور تي وڏو ڪردار هو جن مادري ٻولين جو اهو بل قومي اسيمبلي ۾ آندو پر حيرت آهي ته قومي اسيمبلي جي باقي ميمبرن ۾ سسئي پليجو ۽ يوسف ٽالپر وارو اهو قومي جذبو لاتعلق رهيو. باوجود ان جي ته قومي اسيمبلي جي سڀني ميمبرن جون پنهنجيون پنهنجيون مادريون ٻوليون آهن ڇا انهن جي مادري ٻولين کي زنده رکڻ ۽ انهن کي ترقي ڏيارڻ انهن اسيمبلي ميمبرن جو بنيادي ۽ اخلاقي فرض ناهي.

قومي ٻولين تي دنيا جا وڏا ۽ ترقي يافتا ملڪ ناز ڪندا آهن. عالمي ڏينهن به ملهايا ويندا آهن پر اسان وٽ مادري ٻولين جي واڌ ويجهه ۽ ترقي بدران هر دور جي سامراجي ۽ حاڪماڻي ٻولي کي اوليت ڏيڻ جو لاڙو رهيو آهي جنهن کي اسان “غلامي وارو لاڙو” سمجهون ٿا. پاڪستان ته هونئن به گھڻ قومي ملڪ آهي، قومون ئي ان جون روح روان آهن، انجو رت ۽ جياپو    آهن، انهن کي نظر انداز ڪرڻ معنيٰ پاڻ کي ميساري ختم ڪري ڇڏڻ آهي.

پوليو مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ   مذهبي جماعتن جي اڳتي اچڻ جي آجيان ڪجي ٿي

رپورٽون آهن ته پاڪستان علماءِ ڪائونسل جنهن جي پنجين عالمي ڪانفرنس ڪالهه کان اسلام آباد ۾ شروع ٿي آهي تنهن جي مرڪزي چيئرمين ۽ وفاق  المساجد و مدراس پاڪستان جي صدر حافظ محمد طاهر محمود اشرفيءَ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان پوليو مهم جي حمايت ڪريون ٿا ۽ ان جي پرچار لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين . هن چيو ته پوليو جي ڦڙن ۾ ڪو حرام يا غير شرعي جزا شامل ناهن. اسان عام ماڻهن کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي ٻارن  ۽  ملڪ جي مستقبل کي بچائڻ لاءِ پوليو  مهم جي حمايت ڪن ۽ ٽيم سان سهڪار ڪن. ٻئي پاسي سني اتحاد ڪائونسل پاڪستان جي چيئرمين صاحبزاده حامد رضا جي اپيل تي علماءِ اهلسنت  ۽ مفتيان اڪرام تحقيق کانپوءِ پوليو ويڪسين جي حق ۾ اجتماعي فتوا جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته پوليو ويڪسين ۾ ڪنهن به طرح  جو ڪو حرام مادو موجود ناهي پر اها انتهائي محفوظ دوا آهي. پوليو جا ڦڙا  پيارڻ ۾ ديني ۽ شرعي اعتبار سان ڪو مسئلو ناهي. سو ٻارن کي سڄي عمر جي معذوري کان بچائڻ لاءِ پوليو جي بيماري کي روڪڻ وارا ڦڙا به پياريا وڃن ۽ ويڪسين به لڳرائي وڃي.

اسان مذهبي جماعتن جي ان مثبت اڳڀرائي  ۽ پوليو مهم بابت گھمراهي کي ختم ڪرڻ لاءِ گھربل ڪردار ادا ڪرڻ واري دعويٰ جي دل جي گهراين سان آجيان ڪيون ٿا . اسان سمجهون ٿا ته مذهبي جماعتن  جي اڳتي اچڻ سان پوليو مهم بابت جيڪا گھمراهي، ڪاوڙ ۽ رنڊڪ آهي سان ختم ٿي ويندي. اها تمام بهترين ڳالهه آهي ته مذهبي جماعتن هن معاملي جي سنگيني کي محسوس ڪيو آهي ۽ ٻارن کي سڄي عمر جي معذوري کان بچائڻ لاءِ هلندڙ پوليو مهم جي حمايت ڪئي آهي. ايئن ٻين مذهبي  جماعتن کي پڻ پوليو مهم جي ڪاميابي لاءِ مثبت  ۽ اهم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻ گھرجي.

ان ڏس ۾ حڪومت توڙي ميڊيا پوليو مهم جي اهميت ۽ ضرورت لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي سو ساراهه جوڳو آهي. جيڪڏهن حڪومت ۽ ميڊيا پوليو مهم جي حمايت نه ڪري ها ۽ ان جي ڪاميابي لاءِ پنهنجي طور تي مهم نه هلائي ها ته پاڪستان اندر پوليو مهم ايترو به نه هلي سگهي ها. هاڻي به پاڪستان جا ڪيترائي پٺتي پيل علائقا آهن جتي پوليو مهم کي هلڻ نٿو ڏنو وڃي ۽ ان ۾ رنڊڪ پيدا ڪئي پئي وڃي. عام تاثر اهو آهي ته اهڙي رنڊڪ مذهبي ڌريون ٿيون پيدا ڪن پر جيڪڏهن مذهبي جماعتون پنهنجي پنهنجي حلقي ۾ پوليو مهم بابت گهمراهي ختم ڪرڻ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪن ٿيون ته اسان سمجهون ٿا ته اهو پوليو مهم جي ڪاميابي جو فيصلائتو ڪردار سمجهيو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.