ڪشميرين لاءِ آواز اٿارڻ تي برطانوي پارليامينٽ ميمبر جي ڀارت وڃڻ تي پابندي

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڪشميرين لاءِ آواز اٿارڻ تي ڀارت برطانوي پارليامينٽ ميمبر کي ملڪ اچڻ نه ڏنو.

ليبر پارٽي جي پارليامينٽ ميمبر ڊيبي ابراهمز کي نئين دهلي ۾ اندرا گانڌي ايئرپورٽ تي روڪيو ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڊيبي ابراهمز لاءِ ويزا تحت ڀارت جو سفر ڪرڻ جو مدو آڪٽوبر 2020 تائين باقي آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ ڊيبي ابراهمز جو چوڻ هو ته مان اهو ڄاڻڻ جي به ڪوشش ڪئي ته نيٺ روڪيو ڇو پيو وڃي پر ڪنهن کي ڪا خبر نه هئي، مون سان هڪ ڏوهاري جيان ورتاءُ ڪيو ويو.

واضح رهي ته ڊيبي ابراهمز برطانوي پارليامينٽ ۾ والاريل ڪشمير جي حوالي سان گروپ جي چيئرپرسن آهي ۽ هوءَ مودي حڪومت تي ڇتي تنقيد ۽ والاريل ڪشمير ۾ غير آئيني قدمن جي مخالفت ڪندي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.