شادي لارج ۾ اسپتال نه ٺهي، رهواسي عذاب هيٺ

شادي لارج (رپورٽ:محمد ادريس لنڊ) ڏھ ھزار کان وڌيڪ آبادي رکندڙ شادي لارج شهر ۾ ڪوبه بنيادي صحت مرڪز ناهي نه ئي ڪا سرڪاري ڊسپينسري آهي جنهن سبب ڪري شادي لارج شهري توڙي آس پاس جي ڳوٺن جا ماڻهن کي علاج لاءِ کوسڪي، نندو، وڃڻو پوندو آهي جڏهن مين ٿرڪول روڊ تي حادثن جي صورت ۾ شادي لارج شهر ۾ صحت جي سهولتون نه هئڻ ڪري زخمي کوسڪي يا بدين پهچڻ کان اڳ ۾ پنهنجي زندگي وڃايو ڇڏين شادي لارج جي سياسي سماجي اڳواڻن گل حسن ڀٽي ڪامريڊ بلاول لنڊ، شير خان لنڊ، معشوق علي سومرو ۽ ٻين وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير هيلٿ ڊپارٽمينٽ کان مطالبو ڪيو فوري نوٽيس وٺي شادي لارج شهر جي رهواسين کي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.