ملڪ ۾ جمهوريت جي ڪمزوري سبب صوبا اختيارن کان محروم آهن: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي سماج سڌارڪ اڳواڻن، تعليمي ۽ قانوني ماهرن جمهوري ادارا مضبوط نه هجڻ ۽ 18 هين ترميم کانپوءِ صوبائي سبجيڪٽن تي اڃا تائين وفاق جي بالادستي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي گُهر ڪئي آهي ته سنڌ ۾ آباد پرڏيهين سميت سمورن ڌارين کي نيڪالي ڏئي، غير قانوني طور تي ٺاهيل سندن ملڪيتن کي ضبط ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت مرڪز جي سرڪاري نوڪرين ۾ سنڌ جو پورو حصو وٺڻ لاءِ سنجيده ٿئي، سنڌ جي خانگي ادارن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجو حصو ڏنو وڃي، سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جي مالڪي تسليم ڪندي ٻين صوبن جي ماڻهن کي هتي نوڪريون ڏيڻ بدران کين واپس اماڻي مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي، جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائي ميرٽ جي لتاڙ بند ڪئي وڃي. اهڙو مطالبو هنن ڪالهه سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم ۽ سنڌ سٽيزنس ڪائونسل حيدرآباد پاران “سنڌ ۾ بيروزگاري، سبب، اثر ۽ حل” جي عنوان هيٺ سنڌي لئنگيج اٿارٽي جي هال ۾ ڪوٺايل ويهڪ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم جي اڳواڻ پروفيسر مشتاق ميراڻي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ بيروزگاري سبب سنڌ جو عوام انتهائي پريشان آهي، ڇو ته هڪ طرف روزگار جا موقعا گهٽ آهن، ٻي پاسي انهن ٿورن موقعن تي به ٻين صوبن جي والار آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ خودڪشيون، ڏوهه، سماجي ۽ خانداني ڀڃڊاهه به بيروزگاري جو نتيجو آهي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت بيروزگاري جي خاتمي جي لاءِ  اهڙا قدم کڻي جنهن سان نه صرف نوڪريون پيدا ٿين، پر واپار جا موقعا به فراهم ٿي سگهن. يوسف لغاري ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جو قبضو ناهي، ان ڪري اهو سوال پيدا ٿيو آهي ته سنڌ حڪومت ۾ اهو لڇڻ ڇو نه آهي ته پنهنجا وسيلا وٺي سگهي. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي قانوني وسيلن کان به محروم ڪيو ويو آهي، سنڌ جا 70 هزار کان وڌيڪ ڳوٺ رجسٽرڊ ناهن، ان ڪري انهن ڳوٺن کي ڪا به سهولت نٿي ملي سگهي. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ حقيقي معنيٰ هڪ کاتو به سنڌ وٽ ناهي، يعني 25 وزارتون غير قانوني آهن، اهو هڪ الميو آهي ته اسان پنهنجي پوليس سروس به نه ٺاهي سگهيا آهيون، سنڌ جو وزيراعليٰ آءِ جي کي هٽائي نٿو سگهي، ون يونٽ جي دور ۾ به پوليس کاتو ويسٽ پاڪستان جي حوالي ٿيو هو، اڄ به ساڳي صورتحال آهي. هن چيو ته اسان وٽ هيڪ به اسان جي پنهنجي ناهي، اسان مرڪزي هيڪ جا محتاج آهيون، جيڪڏهن 18 هين ترميم تحت ئي اسان کي پنهنجا حق ملي وڃن ته گهڻا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. هن آءِ ٽي جي ماهرن کي گذارش ڪئي ته هڪ ويب سائيٽ ٺاهي ڏني وڃي جنهن تي سنڌ جي حصي جون خالي آسامين جا تفصيل ۽ نوڪرين جا اشتهار رکي سنڌ جي نوجوانن کي آگاهه ڪري سگهجي. شفيق حيدر موسوي ڀليڪار چوندي ٻڌايو ته سنڌ ۾ بيروزگاري اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، بيروزگاري ڪاري رات آهي. هن بيروزگاري جي اثرن تي ڳالهائيندي چيو ته گهر ۾ اڻهوند هجي ته ڪتي جي چڪ پائڻ جي ڪري ويڪسن نه وٺي سگهڻ ڪيڏي نه ازيت ناڪ صورتحال آهي، بيروزگاري سماجي ۽ معاشي طور تي انسان کي بيوس بڻائي ڇڏي ٿي. هن چيو ته حقدارن کي نوڪري نٿي ملي، پر جنهن کي سفارش آهي يا پيسا آهن ته انهن کي نوڪري ملي ٿي وڃي. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن جي روزگار تي ٻاهران ماڻهو قبضو ڪري ويٺل آهن، ٻين صوبن جي آيلن کي هتي ڇو ٿي نوڪري ڏني وڃي، پهرين روزگار تي مقامي ماڻهن جو حق آهي. پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو چيو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن جنگ جي حالتن ۾ رهندڙ ملڪن عراق ۽ لبنان جيتري آهي،

بيروزگاري جا وڏا سبب ميرٽ جي لتاڙ، جمهوري ادارا مضبوط نه هجڻ ۽ جمهوريت جي نالي ۾ عوام کان حق کسڻ ۽ قبيلن ۾ ورهائڻ آهي. هن چيو ته هٿ سنڌ جي تعليم تباهه ڪرڻ سان گڏ تربيتي ادارا به تباهه ڪيا ويا، سنڌ ۾ نالي ماتر استادن جا تربيتي ادارا ٺاهي تباهه ڪيا ويا. هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ تيل ۽ گئس جا کوهه سنڌ ۾ آهن، پر انهن تي روزگار ڪندڙ جي گهٽ تعداد به سنڌين جي آهي، سنڌ جا چونڊيل نمائندا وفاق آڏو سنڌ جي قدرتي وسيلن تي مقامي ماڻهن جي حق جي ڳالهه ان ڪري نٿا ڪن جو کين اتان مراعتون ملن ٿيون، انهن چونڊيل نمائندن ۽ وڏيرن کي نوازڻ جي لاءِ سندن ماڻهن جي نالن سان صرف رڪارڊ ۾ آڻي نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون جن جي ماهوار پگهار اهي جاگيردار کڻن ٿا. پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته سڄي سنڌ بيمارين جي ور چڙهيل آهي، گندو پاڻي واپرائڻ ڪري ماڻهو بيمارين جي ور چڙهيل آهي، مٿان وري فصلن تي استعمال ٿيندڙ پيسٽيسائز دوائن تباهي مچائي ڇڏي آهي، حڪومت دل جون اسپتالون قائم ڪرڻ بدران عوام کي صاف سٿري خوراڪ فراهم ڪري ها ته دل جون اسپتالون ٺاهڻ جي ايتري گهڻي ضرورت ئي نه پوي ها. هن چيو ته هڪ طرف بيروزگاري آهي ته ٻئي طرف آبادي جو تيزي وڌڻ هڪ وڏو مسئلو آهي، سنڌ ۾ زرعي زمينون رهائشي اسڪيمن جي حوالي ٿي ويون آهن، مٿان وري ماحولياتي مسئلن جي ڪري ماحولياتي تباهڪاريون ٿينديون رهيون آهن. هن چيو ته سٺي حڪمراني جو سوال اسان وٽ موجود آهي، جيڪڏهن حڪمراني بهتر ٿئي ته ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.