سجاول ۾ شهرين جو مسئلن جي حل لاءِ احتجاج

سجاول (ڊ ر) شھري اتحاد پاران ٽائون ڪميٽي سجاول جي  ڪرپشن، اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ، اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون نه ھئڻ خلاف جامع مسجد چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي شھري اتحاد سجاول جي صدر اڪرم ميمڻ، منيرميمڻ، جي يو آءِ  اڳواڻ مولانا اشرف ميمڻ، نثار ميمڻ،  نصيب الله حيدري، عبدالغفور ۽ ٻين دانهيندي چيو ته   ٽائون ڪميٽي سجاول ۾ ايندڙ بجٽ ھڙپ ڪئي پئي وڃي،

شھر کي کنڊرات ۾ تبديل ٿي ويو آهي،  تعلقي اسپتال سجاول ۾ دوائن جي کوٽ آھي، مريض دربدر پيا  ٿين،  اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون اڻ لڀ آھن،شھر جون اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ آھي ٻارڙا فرش تي وئي تعليم حاصل ڪري رھيا آھن،  ھنن وڌيڪ چيو ته شھر جي مسئلن لاءِ خاموش نه ويھنداسين آچر جي ڏينھن مختلف پارٽين جو اجلاس گھرايو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.