شهيدن جي مزارن تي ڊيوٽي ڪندڙن جون نوڪريون چٽ، ڌرڻو

نئون ديرو(ن ع آ) رتوديرو ۽ نئون ديرو ميونسپل انتظاميا ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن تي ڊيوٽي ڪندڙ 33 ڪچن ملازمن جون پگهارون بند ڪري نوڪرين مان فارغ ڪيو ويو آهي.

متاثر ملازمن ڳڙهي  خدابخش ڀٽو لاڙي وٽ رتوديرو – نئون ديرو روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي.  ميونسپل جي برطرف ملازمن مختيار لغاري، روشن لغاري، سليم لغاري، منٺار لغاري، عابد لغاري، نسيم چنو، علي مراد لغاري، ظفر لغاري، زبير علي دايو، شاهد لغاري ۽ ٻين پنهنجا معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري ميونسپل انتظاميا جي ناجائزين خلاف دانهون ڪندي ڇتي نعريبازي ڪئي. هنن جو چوڻ هو ته اسان گذريل 12 ورهين کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار توڙي پارڪن تي صفائي سٿرائي، مالهي ۽ چوڪيدار طور ڊيوٽي ڪري رهيا آهيون. پر هن وقت تائين اسان کي پڪو ته نه ڪيو ويو، ويتر هاڻ اسان جون پگهارون بند ڪري اسان کي نوڪرين مان ڪڍي ڇڏيو آهي هنن چيو ته پگهارون بند ٿيڻ ۽ نوڪرين مان برطرف ٿيڻ ڪري اسان جا ٻچا بک، بدحاليءَ جي ور چڙهي ويا آهن. ميونسپل انتظاميا اسان کي نوڪرين تي پڪو ته نه ڪيو ويتر ڪچي ملازم طور ملندڙ 7 هزار اجرت به بند ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته اسان شهيدن جي آخري آرامگاهه جا خدمتگار آهيون ۽ هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ کي شهيدن جي آخري آرامگاهه جا واسطا ڏيندي اپيل ڪئي ته اسان کي نوڪرين تي بحال ڪري پڪا آرڊر ڏنا وڃن ۽ بند ڪيل پگهارون ٻيهر بحال ڪيون وڃن. رابطو ڪرڻ تي لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز فيڊريشن جي مرڪزي اڳواڻ حافظ مشتاق احمد ڪوريجو جو چوڻ هو ته ملازمن کي برطرف ناهي ڪيو ويو. آڊٽ آفيسرن پاران ڪچن ملازمن جي پگهارن جا بل پاس ڪرڻ کان جواب ڏنو ويو آهي ۽ بل پاس نه ٿيڻ ڪري انهن جون پگهارون بند آهن..6

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.