پاڪستان قرض پروگرام جا طئي ڪيل سمورا هدف پورا ڪيا…! آءِ ايم ايف جي پڌرائي جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ جو چوڻ آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف قرض پروگرام جي طئي ڪيل هدف پورا ڪيا آهن.

پاڪستان ۾ موجود آءِ ايم ايف وفد پاڪستان ۾ ڳالهين کي حتمي شڪل ڏيڻ کان پوءِ پڌرائي جاري ڪري ڇڏي.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام جا سمورا هدف پورا ڪيا آهن، ڊسمبر تائين سمورن شعبن ۾ بهتري ريڪارڊ ڪئي وئي، ناڻي جي مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ واڌ اميد کان به بهتر رهي.

انهن سڀني تعريفن جي باوجود آءِ ايم ايف مشن طرفان پاڪستاني اختيارين سان گڏ ايندڙ قسط جي جاري ٿيڻ لاءِ معاهدي جو ذڪر ناهي ڪيو ويو جڏهن ته ماضي جي ڀيٽ ۾ پاڪستان طرفان ڪا به پڌرائي جاري ناهي ڪئي وئي.

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ڳالهيون پڄاڻي تي پهتيون ۽ جائزي مشن جي دوري جي پچاڻي تي آءِ ايم ايف پڌرائي به جاري ڪئي.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي معيشت گذريل ڪجهه مهينن ۾ ذڪر جوڳي ترقي ڪئي، مستحڪم اقتصادي پاليسين سان سڌارن جي عمل ۾ تيزي آندي وئي، گذريل سال ڊسمبر تائين سمورن شعبن ۾ ڪارڪردگي بهتر رهي.

پڌرائي موجب آءِ ايم اف وفد جي پاڪستاني اختيارين سان ڳالهيون تعميري ۽ نتيجي واريون نڪتيون، پاڪستاني اختيارين سان ڳالهين ۾ پاليسي ۽ سڌارن جي حوالي سان ذڪر جوڳي اڳڀرائي ٿي، پاڪستان جي معيشت جو آئوٽ لڪ اميد جي موجب گڏيل طور تي پهرين جائزي کان بهتر رهيو ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان پاڪستان سمورا معاشي هدف پورا ڪيا.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام تي تيز عمل درآمد بورڊ کي فيصلو ڪرڻ جي راهه هموار ڪندو، پروگرام تي عملدرآمد سان ترقياتي ۽ سماجي شعبي جي لاءِ فنڊن ۾ واڌ ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.