”ترڪي سان هميشه پنهنجن ڀائرن جيان بيٺل رهنداسين“

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان ترڪي سان هميشه ڀائرن جيان بيٺل رهندو.

پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ترڪي جي سلامتي واري وزير ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي ۽ علائقائي سيڪيورٽي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سهڪار وڌائڻ بابت معاملا به غور هيٺ آيا.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته پاڪستان ترڪي سان لاڳاپن کي اهميت ڏيندو آهي ۽ پاڪستان ترڪي سان هميشه پنهنجي ڀائرن جيان بيٺل رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.