ڪوٽ غلام محمد ۾ امتحاني سينٽرن تي ڇاپو،40 شاگردن تي ڪاپي ڪيس

ڪوٽ غلام محمد (رپورٽ:الھداد خاصخيلي) ڪوٽ غلام محمد جي سول جج اينڊ جوڊيشنل مئجسٽريٽ عبدالقادر کوسو اوچتو گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ڪوٽ غلام محمد ۾ امتحاني سينٽر تي ڇاپو هڻي امتحاني سينٽر ۾ ڪاپي ڪرڻ جي الزام هيٺ اٽڪل 40 کان وڌيڪ شاگردن کي ڪاپي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جڏهن ته سول جج عبدلقادر کوسو پاران امتحاني سينٽر مان آن ٿيل ٽچ اسڪرين فون ۽ گائيڊ پڻ برآمد ڪيا ان موقعي تي سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ عبدالقادر کوسو امتحاني سينٽر ۾ موبائل فون جي استعمال سميت سينٽر ۾ بيقاعدگيون هجھڻ ڪري امتحاني سينٽر جي ايڪسنل تي سخت ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو،   ٻي طرف سول جج اينڊ جوڊيشنل اينڊ مئسجٽريٽ عبدالقادر کوسوامتحاني سينٽر ۾ شاگردن کان سندن لکيل انسر ڪاپي منجهان سوال پڇيا شاگردن جي وڏي اڪثريت کي پنهنجي انسر ڪاپي ٿي لکيل سوالن جا جواب نه اچي سگهيا هئا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.