کپري ويجهو ڳوٺ کي 6 مهينن کان پاڻي فراهمي معطل، احتجاج

پيرومل (ن ع آ)سانگهڙ ضلعي جي کپرو تعلقي جي ڳوٺ عبدالله لغاري ديه پنيري ۾ واٽر سپلائي جو نظام ناڪاره ٿيڻ سبب ڳوٺاڻا پاڻي لاءِ پريشان آھن هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مذڪوره ڳوٺ ۾ 6 مهينن کان  واٽر سپلائي عملي جي نا اهلي سبب اسان پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آھيون اسان ڪيئي دفعا دانهون ڪيون آھن پر ڪو به اسان جي ڳالھ ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، مقامي ڳوٺاڻن عبدالرزاق لغاري، محسن لغاري، عثمان لغاري، عبالمجيد لغاري، عبدالرئوف، غلام حسين، محمد يعقوب، محمد خان، بشير احمد، احسان علي، حاڪم علي، حامد علي ۽ ٻين ڊي سي سانگهڙ کان مطالبو ڪيو آھي ته مذڪوره تلاءِ تي لڳل مشينن کي فعال بڻائي اسان کي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ جوڳا انتظام ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.