ڪراچي ۾ ماءُ جي لاش کي 12 سالن تائين گهر ۾ رکڻ جو انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال بلاڪ 11 ڪريسنٽ اپارٽمنٽ جي ڀرسان نيپا انسٽيٽيوٽ جي ڀت وٽ مبينا طور تي ڀيڻ جو لاش ڦٽو ڪندڙ ڀاءُ کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

پوليس اختيارين ٻڌايو ته باقيات ذڪيا نالي عورت جون آهن جنهن جي فوتگي 10 کان 12 سال اڳ ٿي هئي.

سينيئر سپرنٽنڊنٽ پوليس (ايس ايس پي) تنوير اوڍي جو چوڻ هو ته ذڪيا جي وفات کان پوءِ هن جي ٻارن دفنائڻ بدران فريج ۾ رکي ڇڏيو هو.

پوليس اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته گذريل رات محبوب نالي شخص ڪچري جي ڍير جي ڀرسان لاش جون باقيات اڇلايون هيون جنهن کي اڄ حرست ۾ ورتو ويو جڏهن ته لاش جي باقيات جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي.

پوليس موجب لاش ڦٽو ڪندڙ شخص محبوب جي عمر 70 سال آهي جنهن چيو ته ذڪيا خاتون جي پٽ ۽ ڌيءَ ماءُ جي محبت ۾ ماءَ جي لاش کي سنڀالي رکيو هو.

 ان باري ۾ بيان ڏيندي ڄاڻايل شخص ٻڌايو ته هو 3 ڀيڻ ڀائر هئا جنهن ۾ ذڪيا سڀ کان وڏي ڀيڻ هئي جنهن جو لاڏاڻو 10 کان 12 سال پهرين ٿيو هو.

سندس چوڻ هو ته ذڪيا خاتون جي ٻارن جا نالا شگفته رياض ۽ قيصر رياض هئا جيڪي عزيزن، مائٽن ۽ پاڙيسرين سميت ڪنهن سان ميل جول نه رکندا هئا.

محبوب موجب هن ڪيترائي ڀيرا پنهنجي ڀيڻ جي باري ۾ پڇيو پر ان جي باوجود ٻارن ماءُ جي موت جي باري ۾ آگاهه نه ڪيو.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته عورت جي ٻنهي ٻارن جو 4 مهينا اڳ لاڏاڻو ٿو هو جيڪي گلشن اقبال ۾ رهندا هئا البت ان فليٽ تي ايندا رهندا هئا جتي انهن جي ماءُ جون باقيات هيون.

محبوب موجب ڪجهه ڏينهن اڳ فليٽ ڏسڻ ويو هيس جتي هر پاسي ڪچري جا ڍير لڳا پيا هئا ۽ هنڌ تي هن جي ڀيڻ جو لاش رکيل هو جنهن کي هو ڪچري جي ڍير تي اڇلائي ويا هئا جنهن تي اڄ پوليس انهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

انهن موجب عورت جو پٽ ڪنهن ڪمپني ۾ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ هو جڏهن ته ڌيءَ گهر ۾ رهندي هئي ٻئي ڀائر ڀيڻ ڊپريشن جا مريض ۽ غير شادي شده هئا.

بعد ۾ عورت جو لاش ڪچري تي اڇلائڻ جي سي سي ٽي وي فوٽيج منظر عام تي اچڻ کان پوءِ واقعي نئون رخ اختيار ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.