موت کي قبول ڪري سگهان پر پيپلز پارٽي ۾ ٻيهر نه ويندس…!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا جو چوڻ آهي ته اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن ته آئون پيپلز پارٽي ۾ پيو وڃان، موت قبول ڪري سگهان ٿو پر ٻيهر پيپلز پارٽي ۾ نه ويندس.

سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا پنهنجي بيان ۾ چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ ڏاڍي بي چيني ڏٺي وئي آهي، ماضي ۾ مون سميت ساٿين تي ڪيترائي ڪيس ڪيا ويا هئا، اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن ته آئون پيپلز پارٽي ۾ پيو وڃان، آئون ڪڏهن به چور پارٽي ۾ نه ويندس.

ذوالفقار مرزا جو چوڻ هو ته آئون اڄ تائين پيپلز پارٽي سان وڙهندو رهيو آهيان، موت کي قبول ڪري سگهان ٿو پر ٻيهر پيپلز پارٽي ۾ نه ويندس، بلاول ڀٽو زرداري منهنجي لاءِ قابل احترام آهي ۽ آصف زرداري بلاول جو مستقبل تباهه پيو ڪري.

آءِ جي سنڌ جي تبديلي جي حوالي سان اڳوڻي گهرو وزير چيو ته اڄ ڪلهه آءِ جي جي تبديلي جي هوا هلي رهي آهي، ڪنهن جي به خواهش سان آءِ جي تبديل نه ٿيڻ گهرجي، ماضي جي آفيسرن جي ڀيٽ ۾ ڪليم امام هڪ ايماندار آفيسر آهي، هن سنڌ حڪومت جي ڪرپشن جو حصيدار نه پئي بڻجڻ چاهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.