ٽنڊوآدم: جسقم پاران سماجي براين خلاف بک هڙتال ڪئي وئي

عوامي آواز رپورٽ
ٽنڊوآدم: جسقم پاران سماجي براين خلاف بک هڙتال ڪئي وئي
عوامي آواز رپورٽ ٽنڊوآدم: جسقم پاران سماجي براين خلاف بک هڙتال ڪئي وئي

ٽنڊوآدم ۾ جسقم پاران سماجي براين خلاف ڪارڪنن الله داد مري ، ڪاشف پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ  ۾  پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ۽ ڇتي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ٽنڊوآدم پوليس جي سرپرستي ۾ سري عام شراب ، چرس هيروئن ، آڪڙا پرچي گٽڪا ۽ ٻيون سماجي برايون هلندڙ آهن.

هنن چيو ته پوليس رڳو خانه پوري ڪرڻ ۾ پوري آهي.

هنن چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن پوليس منشيات جا اڏا بند نه ڪرايا ته اسان جا ڪارڪن شهرين سان گڏجي پاڻ مذڪوره اڏا بند ڪرائينداسين ۽ احتجاج جو دائرو وسيع ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.