آمريڪي صدر هلندڙ مهيني زال سوڌو ڀارت جو دورو ڪندو

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 24 فيبروري تي ڀارت جي ٻن ڏينهن جي دوري تي نئين دهلي پهچندو.

وائٽ هائوس موجب ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس گهرواري جي ان دوري سان آمريڪا ۽ ڀارت وچ ۾ اسٽريٽيجڪ سهڪار مضبوط ٿيندو.

آمريڪي صدر پنهنجي پهرين ڀارتي دوري دوران وزيراعظم نريندر مودي جي اباڻي رياست گجرات به ويندو.

ڀارت جي صدر پنهنجي آمريڪي هم منصب کي گذريل سال يوم جمهوريا جي تقريبن ۾ خاص مهمان طور دعوت ڏني هئي پر ڊونلڊ ٽرمپ مصروفيتن سبب معذرت ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.