ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن ٻيهر شروع

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) ٽريڪ جي ڀرپاسي حددخلين خلاف ڪارروائي جي ٻيهر شروعات ڪئي وئي آهي.

ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ گيلاني ريلوي اسٽيشن جي ڀرپاسي حددخلين خلاف آپريشن لاءِ ريلوي انتظاميا ۽ اوڀر ضلعي جو اسسٽنٽ ڪمشنر پوليس سان گڏ پهتو ته علائقي واسين سخت احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي غير قانوني اڏاوتون ڪيرائڻ دوران عورتن پوليس اهلڪارن ۽ مشينري تي پٿراءُ به ڪيو، جڏهن ته پوليس اهلڪارن مزاحمت ڪندڙ عورتن کي عمارت کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

پوليس حددخلين خلاف ڪارروائي ۾ رنڊڪ وجهڻ تي هڪ شخص کي حراست ۾ پڻ ورتو.

ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ريلوي لينڊ خالد خان جو چوڻ هو ته ريلوي هائوسنگ سوسائٽي ايراضي ناهي کپائيندي پر ملازمن کي الاٽ ڪندي آهي، ڪراچي ۾ ريلوي جون 12 کان وڌيڪ هائوسنگ سوسائٽيون آهن ۽ انهن جي ڊيل ريلوي نه پر سنڌ حڪومت ڪندي آهي.

سندس چوڻ هو ته گيلاني ريلوي اسٽيشن ڀرسان 81 ايڪڙ زمين ريلوي جي آهي، جنهن مان 35 ايڪڙن تي قبضو ٿي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.