سام سنگ جا 2 سستا فليگ شپ فونز هاڻ پاڪستان ۾ موجود

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سام سنگ پنهنجا 2 سستا فليگ شپ فونز گيليڪسي ايس 10 لائيٽ ۽ نوٽ 10 لائيٽ پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش ڪري ڇڏيا آهن.

سام سنگ پنهنجي 2019ع جي مشهور فليگ شپ فونز جي بجيٽ ورجن کي جنوري ۾ متعارف ڪرايو هو ۽ انهن ۾ اهي پريميئر فيچرز مناسب اگھه ۾ ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.

ٻنهي فونز ۾ 6.7 انچ سپر اموليڊ انفنٽي ۽ ڊسپلي ڏني وئي آهي جن ۾ فرنٽ ڪميرا وچ ۾ هول پنچ ڊزائين سان گڏ آهي.

4500 ايم اي ايڇ بيٽري، 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج (ايس ڊي ڪارڊ سان هڪ ٽي بي تائين واڌ ڪري سگھجي ٿي) جهڙا  فيچرز ٻنهي فونز ۾ ڏنا ويا آهن.

گيليڪسي ايس 10 لائيٽ ۾ سنيپ ڊراگون 855 پراسيسر ڏنو ويو آهي جڏهن ته نوٽ 10 لائيٽ ۾ ڪمپني جي پنهنجي ايڪسينوس 9810 پراسيسر کي استعمال ڪيو ويو آهي.

ٻنهي فونز جي پٺيان 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ آهي پر ٻنهي جو سيٽ اپ مختلف آهي.

ايس 10 لائيٽ ۾ 48 ميگا پڪسل وائيڊ اينگل ڪيمرا سپر اسٽڊي او آءِ ايس سان گڏ ڏنو ويو آهي، اهو فيچر نوٽ 10 لائيٽ ۾ ناهي، ان کان سواءِ 12 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ڪيمرا 123 ڊگري لينس سان گڏ ڏني وئي آهي جڏهن ته ٽين ڪيمرا 5 ميگا پڪسل ميڪرو لينس آهي.

گيليڪسي نوٽ 10 لائيٽ ۾ ڪيمرا سسٽم بلڪل مختلف آهي، ان ۾ 12 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ڪيمرا، 12 ميگا پڪسل وائيڊ اينگل ڪيمرا ۽ 12 ميگا پڪسل ٽيلي فوٽو ڪيمرا ڏني وئي آهي.

۽ ها نوٽ 10 لائيٽ ۾ ايس پين ڏنو ويو آهي جيڪو ايس 10 لائيٽ ۾ موجود نه آهي.

ايس پين ۾ 2018ع جو نوٽ 9 ۾ ڏنل بليوٽوٿ لو اينرجي سپورٽ موجود آهي جيڪو فون ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.

گيليڪسي ايس 10 لائيٽ جي جو اگھه هڪ لک 9 هزار 999 رپيا جڏهن ته نوٽ 10 لائيٽ جو 99 هزار 999 رپيا رکيو ويو آهي ۽ اهي ٻئي  ٽن مختلف رنگن ۾ دستياب هوندا.

خيال رهي ته اهي ٻئي فونز هن وقت پاڪستان ۾ پيش ڪيا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.