ڪراچي جي ميئر اهم مسئلي تي رينجرز کان مدد گهري ورتي

ڪراچي_(ويب ڊيسڪ)  ڪراچي جي ميئر وسيم اختر پوليس جي ڪارڪردگي مان مايوس ٿي ڊي جي رينجرز کان ڪي ايم سي جي ايراضي تي قبضو ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

وسيم اختر ڊي جي رينجرز کي لکيل خط ۾ ڪي ايم سي جي قبضي هيٺ زمين کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ رينجرز کان مدد طلب ڪئي.

هن چيو ته ڪي ايم سي آفيسر سوسائٽي جي 20 ايڪڙ زمين تي مافيا قبضو ڪري رهيو آهي.

وسيم جي خط موجب ڊسمبر ۾ مافيا جي ڪارندن ڪي ايم سي سوسائٽي جي آفيس تي قبضو ڪيو.

ڪراچي جي ميئر موجب هلندڙ سال 3 جنوري تي پاڪ ڪالوني ٿاڻي ۾ زمين تي قبضي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي پر پوليس هڪ مهينو گذرڻ جي باوجود ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي.

هن خط ۾ رينجرز کي مخاطب ڪري درخواست ڪئي ته هو زمين ڇڏرائڻ ۾ مدد ڪري.

ان کان سواءِ خط ۾ چيو ويو ته ڪي ايم سي 1993ع ۾ 200 ايڪڙ ايراضي ڪي ايم سي آفيسر هائوسنگ اسڪيم جي لاءِ الاٽ ڪئي هئي جنهن کان پوءِ شهري تنظيم ڪي ايم سي ۽ ڪي ايم سي هائوسنگ اسڪيم جي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو.

خط جي موجب ڪيس جي ٻڌڻي هن وقت تائين جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.