واقعي مهانگائيءَ ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي.!!

امتياز چانڊيو

پراڻي چوڻي آهي ته مهانگائيءَ ماڻهن جي ته چيلهه ئي چٻي ڪري ڇڏي آهي، واقعي ئي پاڪستان جي نااهل حڪمرانن جي عوام دشمن پاليسين جي ڪري ايتري ته مهانگائي ٿي وئي آهي جو زندگي جون بنيادي سهولتون حاصل ڪرڻ ته پري جي ڳالهه پر هن وقت ٻه ويلا ماني کائڻ ۽ پنهنجن ٻچن کي سٺا ڪپڙا پارائڻ ۽ انهن کي تعليم ڏيارڻ به ڏينهون ڏينهن تمام گهڻو مشڪل ٿيندو پيو وڃي، مزدور ماڻهو ته بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، زندگي جي استعمال وارين روزمره جي شين جي اوچتو اوچتو قيمتن جي وڌڻ ڪري ماڻهن کي تمام گهڻي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ڪجهه مهينا اڳ ٽماٽي جي وڌيل قيمت ماڻهن کي پريشان ڪيو، مس ٽماٽو لٿو ۽ ان جي قيمت گهٽ ٿي ته کنڊ جي قيمت وڌي وئي، وري خبر پئي ته اٽو مارڪيٽن مان غائب 35 روپيا في ڪلو ملندڙ اٽو اوچتو وڃي 70 روپيا في ڪلو تي پهچي ويو، ڀاڄين ۽ فروٽ جا اگهه وڌي ويا، وري هاڻي کير جي واپارين به کير جا اوچتو اگهه وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، في ڪلو تي هڪ يا ٻه روپيا نه پر 10 روپيا في ڪلو تي وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، مينهن جي واڙن وارن جي تنظيم آل حيدرآباد فارمرز ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن شوڪت علي جتوئي، عامر غوري ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪري اعلان ڪيو ته جيتوڻيڪ مال جي چاري جا اگهه وڌي ويا آهن، تنهن ڪري سندن مجبوري آهي ته هو به 10 روپيا في ليٽر کير جي قيمت ۾ واڌارو ڪن ۽ پهرين فيبروري کان هو کير جي قيمت وڌائي ڇڏيندا، هنن اهو به چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن مهانگائي جي ديو کي نه روڪيو ويو ۽ مهانگائي اهڙي طرح ئي وڌندي رهي ته هو مجبور ٿي هو ايندڙ مارچ مهيني جي پهرين تاريخ تي کير جي وڌيڪ قيمت وڌائيندا ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به سرڪاري عملدار جي دٻاءَ کي قبول نه ڪيو ويندو.

وڌندڙ آبادي جي ڪري شين جو وڌڻ ۽ گهٽجڻ جيتوڻيڪ ٿيندو رهندو آهي، پر سبسڊي ۽ رليف به ڪنهن شئي جو آهي، ڪيترائي ڀيرا اسان ٻڌندا رهيا آهيون ته ان ملڪ جتي جي حڪمرانن کي عوام جو احساس هوندو آهي، اتي جيڪڏهن ڪنهن اهڙي شئي جنهن جو سڌو سنئون اثر عام ماڻهن جي زندگين تي ٿيندو آهي ۽ ان جي اوچتو کوٽ پيدا ٿي ويندي آهي ته حڪومت سبسڊي ڏئي عوام جي مدد ڪندي آهي، پر اسان وٽ سبسڊي جو ته ڄڻ نالو ئي ختم ٿي ويو آهي، ظالماڻيون پاليسيون جوڙي عوام مٿان ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس مڙهي ماڻهن جي زندگي اجير بنائي وئي آهي، حڪومت جي طرفان ته ڪو به رليف ڏيڻ ۽ سبسڊي جا دروازا ئي ڄڻ بند ٿي ويا آهن، جنهن ڪري ماڻهو مهانگائي ۾ ڦاسي سخت معاشي ۽ ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿي ويا آهن.

پڙهيل لکيل بيروزگار نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا مڪمل طور تي بند ٿي ويا آهن، سرڪاري نوڪري ملڻ ته ڄڻ هاڻي خواب بڻجي ويو آهي، مون کي ته ياد آهن 90 واري ڏهاڪي جا اهي ڏينهن جڏهن نوڪرين جا آرڊر ڳوٺن ۾ ورهايا ويندا هئا ۽ نوجوان پنهنجي پسند ڪري نوڪرين جا آرڊر کڻندا هئا، اڄ هي بلاگ لکندي مون کي منهنجي دوست غفار ڀٽو جا اهي جملا به ياد ٿا اچن، جيڪي هن 90 واري ڏهاڪي ۾ چيا هئا، کيس پوليس جي سپاهي جو آرڊر مليو، جيڪو هن ٺڪرائيندي چيو هو ته سپاهي واري نوڪري ننڍي آهي، کيس جيڪڏهن اي ايس آءِ جي پوسٽ جو آرڊر مليو ته ٺيڪ نه ته سپاهي جي نوڪري نه ڪندو. اڄ مون سوچيو پئي ته سپاهي واري نوڪري لاءِ هن وقت نوجوان 10 کان 15 لک روپيا ڏيڻ لاءِ به تيار آهن، پر اها به نٿي ملي.

90 کان پوءِ جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، نوجوانن لاءِ سرڪاري نوڪرين جا دروازا بند ٿيندا ويا، حڪومتي سطح تي اهڙيون ته پاليسيون جوڙيون ويون جو روزگار جا موقعا ختم ٿيندا ويا، ڪاروبار بي فائدي ٿي ويا، حالت ان حد تائين پهتل آهي، جو جيڪو ماڻهو 10 لک روپيا سيڙائي ڪو ڪاروبار ڪري رهيو آهي ته ان جي گهر جو چلهو به سولو نٿو ٻري. ڳوٺن جا ماڻهو بک ۽ بدحالي جي ورچڙهي ويا آهن، فصلن جا صحيح اگهه نه ملڻ ڪري ماڻهن جو زراعت تان ارواهه کڄندو پيو وڃي، پاڻي جي کوٽ، ٻج ۽ ڀاڻ مهانگا ٿيڻ ڪري هاڻ ته 50 ايڪڙ جا مالڪ به سخت پريشاني جو شڪار آهن، بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ ماڻهن جا ڪاروبار تباهه ڪري ڇڏيا، تيل جي وڌندڙ قيمتن ٽرانسپورٽ واري شعبي کي تباهيءَ جي ورچاڙهي ڇڏيو آهي، ماڻهن کي مزدوري به نٿي ملي.

حيدرآباد جي فتح چوڪ وٽان گذر ٿيو، جتي 5 کان وڌيڪ سي اين جي اسٽيشن لڳل آهن، انهن جي ويراني ڏسي به مون کي ڏاڍو ارمان پئي ٿيو، مون سوچيو پئي ته جن اسٽيشنن تي گيس ڀرائڻ لاءِ گاڏيون جون وڏيون وڏيون قطارون لڳل هونديون آهن، اسٽيشنون بند هجڻ ڪري انهن تي مزدوري ڪندڙ ملازمن جو ڇا حال هوندو، جن جو روزگار اهڙي طرح بند پيو آهي ۽ اسٽيشن ويران پيل آهن. جڏهن ته حالت ان کان وڌيڪ انهن رڪشا وارن جي خراب ٿي وئي آهي، جيڪي سي اين جي تي هلندڙ آهن، اهي مسڪين ماڻهو سي اين جي تي رڪشا هلائي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندا هئا، انهن جو روزگار به ٺپ ٿي ويو آهي.

سڄي ملڪ جي ماڻهن جيان مون کي ته حيرانگي موجوده وزيراعظم عمران خان جي حڪومت هلائڻ تي به آهي، جيڪو حڪومت ملڻ کان اڳ عوام جي ڀلائيءَ واريون وڏيون وڏيون دعوائون ڪندو هو، ائين لڳندو هو ڄڻ کيس عوام جي تڪليفن کي محسوس ڪندي شايد ننڊ ئي نٿي اچي، پر جڏهن کيس حڪومت ملي ته سندس حڪومت ۾ ته ملڪ جي تاريخ جا مهانگائي جي حوالي سان ڪارڊ ئي ٽٽي ويا آهن، ماڻهو ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ سخت پريشاني جو شڪار آهن، ترقياتي منصوبا ٺپ ٿي ويا، روزگار ختم ٿي ويا، صحت ۽ تعليم کاتي جي ٻيڙي ٻڏي وئي، ماڻهو غربت، بيروگازي ۽ مهانگائي سبب ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿي ويا آهن، حڪمرانن کي گهرجي ته مسڪين ماڻهن جي حال تي رحم کائي بيروزگاري ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تڪڙا ۽ سخت اپاءَ وٺن، نوجوانن لاءِ سرڪاري نوڪريون جا دروازا کوليا وڃن ته جيئن نوجوانن لاءِ ڊگري ڪارائتي ثابت ٿئي ۽ اهو نه چيو وڃي ته پڙهي ڇا ڪندئو نوڪري ته ناهي ملڻي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.