گوگل ڪرونا وائرس سبب چين ۾ پنهنجي آفيس بند ڪري ڇڏي..!

چين ۾ پکڙيل پُراسرار ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي مشهور سرچ انجن ڪمپني گوگل بيجنگ ۾ موجود پنهنجي آفيس عارضي طور تي بند ڪري ڇڏي.

گوگل جي ترجمان موجب چيني حڪومت جي هدايت تي چين سان گڏوگڏ هانگ ڪانگ ۽ تائيوان ۾ به پنهنجون آفيسون بند ڪري رهيا آهيون.

ان کان سواءِ گوگل چين ۾ موجود ملازمن کي فوري طور تي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٻن هفتن تائين پنهنجن گھرن ۾ ويهي فرض انجام ڏيو.

چين به ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي نئين سال جون موڪلون وڌائي ڇڏيون آهن ۽ چيني حڪومت عوام کي گھرن ۾ رهڻ ۽ غير ضروري نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.