چين ۾ ڦهلجندڙ ڪورونا وائرس ۽ احتياطي تدابيرون

 مقبول ملاح

پاڪستان1947 جڏھن تہ چين  1949ع آزادي ماڻي، جيئن ئي چين جي آزادي جو اعلان ٿيو ته پاڪستان ان جي آزادي کي فورن تسليم ڪيو، اھا پاڪستان ۽ چين جي دوستي جي شروعات هئي،  پاڪستان ۽ چين جي دوستي جي مضبوطي جو هڪ سبب انڊيا پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته چين ۽ پاڪستان ٻنهي ملڪن جا انڊيا سان تعلقات ڪي بهتر نه آهن، جڏهن 1962 ۾ چين ۽ انڊيا جي ڪشيدگي ٿي ۽ 1965 ۾ پاڪستان جي انڊيا سان جنگ لڳي ته ٻنهي ملڪن پاڪستان ۽ چين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو. چين ۽ پاڪستان جي اها دوستي اڄ به قائم آهي ۽ ٻئي ملڪ تعليم کان وٺي مختلف شعبن ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيندا رهيا آهن، هن وقت به سوين پاڪستاني شاگرد چين ۾ اسڪالرشپ تي مختلف يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سي پيڪ منصوبي کانپوءِ چيني وڏي انگ ۾ پاڪستان اچڻ شروع ڪيو ۽ هزارين پاڪستاني هن وقت به چين جي مختلف شهرن ۾ موجود آهن ۽ هر روز جي بنياد تي سوين چيني ۽ پاڪستاني هڪٻئي ڏانهن سفر ڪن ٿا.

چين ۾ هن وقت ڪورونا  نالي هڪ وائرس پکڙجي رهيو آهي، هي وائرس چين کان پوري دنيا ۾ تيزي سان پکڙجندو پيو وڃي، هن وقت تائين  چين ۾ 106 کان وڌيڪ ماڻهو هن وائرس ڪري فوت ٿي چڪا آهن, جڏهن ته وائرس سبب متاثر ٿيل 1300 نوان ڪيس سامهون آيا آهن ۽  4500 تائين متاثر ماڻهو ٿي ويا آهن،  چين ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ قدمن تحت پنهنجي شهرين کي پرڏيهه جي سفر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. هزارين چيني هر روز جي بنياد تي سفر ڪن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو پوري دنيا جي ايئرپورٽن تي ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ احتياطي تدابيرون استعمال ڪيون پيون وڃن، ۽ چيني مسافرن  جي اسڪيننگ ڪئي پئي وڃي, جڏهن ته جرمني ۽ ڪينيڊا ۾ ڪورونا وائرس کان پهرين متاثر مريضن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي

تازو سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني طرفان چين مان بنا اسڪريننگ ۽ چيڪ اپ جي ايندڙ چينين تي بلاڪ اندر اچڻ تي بندش هئي ڇڏي آهي. چينين جي داخلا چين جي اسپتال، اسلام آباد ۽ ڪراچي جي اسپتالن مان ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ سان مشروط ڪئي ويئي آهي.  هن وقت ڪم ڪندڙ 300 سئو چينين کي بلاڪ ٽو تي وائرس کان صاف قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين پڻ ساڳئي نموني چين کان ايندڙ  چينين کي ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ سميت اچڻ جو شرط لڳائي ڇڏيو آهي.

هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين کي ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد جي آڇ ڪئي آهي، صدر ٽرمپ پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾ چيو آهي ته ڪورونا وائرس جا تمام گهٽ ڪيس آمريڪا ۾ رپورٽ ٿيا آهن پر اسان جي سڄي نظر ان تي آهي ۽ چين سان ويجهي رابطي ۾ آهيون.

صحت کاتي جي عالمي اداري مطابق هي وائرس جانورن مان انسانن ۾ منتقل ٿئي ٿو، ۽ بعد ۾ انسانن مان انسانن ۾ پکڙجي ٿو، جڏهن به ڪنهن ماڻهو کي هي وائرس لڳي ٿو ته ان شخص کي بخار سان گڏ ذڪام ۽ کنگهه ٿئي ٿي ۽ ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي.

هي وائرس چين ۾ سڀ کان اڳ ووهان شهر مان شروع ٿيو، چين جي حڪومت ڪورونا وائرس جي وبا تي قابو پائڻ لاءِ هڪ ڪروڙ 10 لک آبادي واري هن شهر کي لاڪ ڊائون ڪندي شهر ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام کي عارضي طور معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ شهرين کي چيو ويو ته اهي شهر مان ٻاهر نه نڪرن، ۽ گهرن تائين محدود رهن. شهري ايتري حد تائين خوفزده آهن جو وڏي تعداد ۾ ماڻهن اسپتالن جو رخ ڪيو آهي ۽ اسپتالون ڀرجي ويو آهن ۽ دوائن جي کوٽ ٿي پئي آهي. چيني صدر ووهان شهر ۾ علاج جي سهوليتن ۾ اضافي جي لاٰءِ 2 نين اسپتالن جي تعمير جو اعلان ڪيو آهي، جنهن مان هڪ جي تعمير شروع ٿي وئي آهي. شهر ووهان ۾  تعمير هيٺ اسپتال 1000 بسترن تي ٻڌل هوندي، جتي  ڪورونا  وائرس سبب متاثر مريضن جو علاج ڪيو ويندو ۽ ان اسپتال کي 3 فيبروري تي کوليو ويندو. چين جي شهر ووهان ۾ تعمير ٿيندڙ اسپتال سڀني کان گهٽ وقت ۾ تيار ٿيندڙ اسپتال هوندي.

جيئن ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ هر روز جي بنياد تي شهرين جو سفر ٿيندو رهي ٿو، تنهن ڪري پاڪستان به هن وائرس کان بچي نه ٿو سگهي، هڪ رپورٽ موجب پاڪستان جي شهر  ملتان ۾ هڪ شخص کي ڪورونا وائرس هجڻ جو شڪ ٿيو آهي، جيڪو 21 جنوري تي چين مان پاڪستان آيل آهي. ڪورونا وائرس جي جي چڪاس لاءِ پاڪستان ۾ سهولت نه هجڻ ڪري ان شخص جا سيمپل بين الاقوامي ليبارٽري ڏانهن موڪليا ويندا، نه صرف پاڪستان پر آمريڪا، جاپان، ٿائلينڊ ۽ سنگاپور ۾ به هن وائرس هجڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي،  جڏهن ته آمريڪا، فرانس ۽ جاپان  پنهنجي شهرين جي چين مان نيڪالي جو فيصلو ڪيو آهي.

جڏهن ته پاڪستاني سفارتخاني به پنهنجي شهرين کي احتياط کان ڪم وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، چين ۾ پاڪستان جي سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته عوامي چرپر محدود ڪن، جڏهن ته جن پاڪستانين جي ويزائن جو مدو ختم ٿي ويو آهي انهن ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي. ووهان شهر ۾ پاڪستانين  کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو صحت کاتي سان مڪمل سهڪار ڪن  ۽ چيني انتظاميه طرفان مليل هدايتن تي عمل ڪن.

ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ ضروري آهي ته هر هر صابڻ سان پنهنجا هٿ صاف ڪيا وڃن، ذڪام واري مريض کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ۽ کنگهڻ دوران پنهنجا هٿ منهن تي ڏيڻ گهرجن، پالتو جانورن کان به پاڻ کي پري رکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هي وائرس جانورن مان انسانن ۾ ڦهلجي ٿو، ماني کائڻ توڙي پچائڻ کان اڳ به پنهنجا هٿ صابڻ سان ڌوئڻ گهرجن. ڀاڄي خاص ڪري گوشت کي صحيح نموني پچائڻ گهرجي ۽ اڌ پڪو نه کائڻ گهرجي. احتياط علاج کان بهتر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.