ڪراچي جي علائقي محمود آباد ۾ سئلينڊر ڦاٽڻ سبب هڪ ڄڻو فوت

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ( ڪراچي جي علائقي محمود آباد واري علائقي ۾ سئلينڊر ڦاٽڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻه عورتون زخمي ٿي پيون.

محمود آباد جي علائقي نمبر ٻه جي گهر نمبر سي 94 ۾ گهر اندر سئلينڊر ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ گهر اندر موجود زال مڙس ۽ گهٽي ۾ گذرندڙ واٽهڙو عورت زخمي ٿي پئي.

اطلاع تي پوليس، رينجرز ۽ علائقي واسين واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمن جا سور نه سهندي هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.

پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ 33 ورهين جي عمير قريشي پٽ ابراهيم طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ سندس گهر واري 30 ورهين جي صدف ۽ 65 ورهين جي نسيم بانو زال عابد حسين شامل آهن.

پوليس جو چوڻ هو ته واقعو گهر اندر گئس سئلينڊر ڦاٽڻ سبب ٿيو، واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.