موٽرولا گليڪسي نوٽ جهڙو فون متعارف ڪرائڻ لاءِ تيار

شڪاگو (ويب ڊيسڪ) مشهور آمريڪي موبائيل ڪمپني ‘‘موٽرولا’’ سام سنگ جي گليڪسي نوٽ جهڙي سمارٽ فون متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سمارٽ فونز جا تفصيل ليڪ ڪرڻ جي حوالي سان مشهور ٽوئيٽر صارف بلاس موٽرولا جي هڪ نئين فون جون تصويرون پوسٽ ڪيون آهن جن سان گڏ هڪ اسٽائلوس به موجود آهي، اهو هڪ ڏهاڪي کانپوءِ موٽرولا جي پهرين فون هوندي جنهن ۾ سمارٽ فون به ڏني پئي وڃي.

تصوير سان گڏ ان فون جا تفصيل ته ناهن ٻڌايا ويا پر  هول پنچ سيلفي ڪيمرا ۽ انٽرفيس سان اشارو ملي رهيو آهي ته اهو ڪمپني جي تازي ڊيوائسز ون ايڪشن جو حصو ٿي سگهي ٿو.

فون جي هيٺيان جيسپر بار ذريعي اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ جي موجودگي جو علم ٿي رهيو آهي، اڃا واضح ناهي ٿي سگهيو ته اها فون ڪڏهن متعارف ڪرائي ويندي پر اسپين جي شهر بارسلونا ۾ موبائيل ورلڊ ڪانگريس ايندڙ مهيني ٿي رهي آهي ۽ ٿي سگهي ٿو اها فون ان ۾ پيش ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.