نئين ڪوٽ ڀرسان ميڊيڪل ڪئمپ، مفت دوائون ۽ چيڪ اپ

نئون ڪوٽ (ن ع آ )امرجگديش ملاڻي سوشل فورم ۽ ماروي ميڊيڪل سينٽر جي سھڪار سان نئون ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ گرڙاٻهه ۾ ھڪ ڏينھن جي مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي سوين مريضن جو مفت چيڪ اپ ڪيو ويو، ڳوٺ گرڙاٻهه ۾ امرجگديش ملاڻي سوشل فورم ۽ ماروي ميڊيڪل سينٽر طرفان ھڪ ڏينھن جي ميڊيڪل مفت ڪيمپ ۾ ٻارن جي ماھر ڊاڪٽر دليپ ننداڻي، عورتن جي بيمارين جي ڊاڪٽر عابده نهڙيو دل جي بيمارين جي ڊاڪٽر حفيظ دل، چمڙي جي ماهر ڊاڪٽر ذوالفقار نهڙي ۽ ھڏن جي بيمارين جي ماھر ڊاڪٽر سرتاج ۽ ٻين ڊاڪٽرن ڪئمپ ۾ سوين مريضن جو مفت چيڪ اپ ڪري مفت دوائون ڏنيون، ان موقعي تي ڳرڙاٻهه ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي آيل مريضن وڏي انگ ۾ مفت چيڪ اپ ڪرايو، جڏھن ته ميڊيا سان ڳالھائيندي امر جگديش ملاڻي سوشل فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر دليپ ننداڻي چيو ته ٿر جي ڏورانھن علائقن ۾ ميڊيڪل ڪيمپون لڳائڻ سان غريب عوام کي وڏو فائدو ٿئي ٿو، عوام جو در تي علاج ڪرڻ ھڪ خدمت سمجھون ٿا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.