ٽوئيٽر واهپيدارن لاءِ وڏي خوشخبري، نئون فيچر متعارف

سان فرانسسڪو (ويب ڊيسڪ) سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر پنهنجي ڊائريڪٽ ميسيج ۾ فيس تي موجود اموجي ري ايڪشن جهڙو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو.

ان مقصد لاءِ ڊائريڪٽ ميسيجز ۾ چيٽ ونڊو ۾ هارٽ پلس جي بٽٻ جڳ واڌارو ڪيو ويو آهي جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ سان واهپيدارن جي سامهون 7 اموجي ري ايڪشن مينيو پوپ اپ ونڊو ۾ کلي ويندا.

ايمي ري ايڪشنز کي ٽيڪسٽ يا ميڊيا ميسيجن ۾ ايڊ ڪري سگھجي ٿو.

انهن اموجيز  ۾ ڪراءِ، لول، سرپرائيز، سيڊ، هارٽ، فليم، ٿمب اپ ۽ ٿمب ڊائون شامل آهن.

ان ڪري هاڻ ٽوئيٽر واهپيدار سمائلي فيس بدران ٽوئيٽر هارٽ کي استعمال ڪري سگھندا.

جيڪڏهن باهه واري فيلم اموجي جي ڳالهه ڪجي ته ان کي  ڪجهه انوکو سمجهي سگھجي ٿو. ڇو ته اهڙو فيس بيڪ ري ايڪشنز ۾ موجود نه آهي.

ٽوئيٽر اهو فيچر گھڻي دير سان متعارف ڪرايو آهي جيتوڻيڪ ايپل جي آءِ فون ميسيج ۽ فيس بڪ ميسينجر ۾ اموجي ري ايڪشنز گھڻي عرصي کان موجود آهن.


پر ان تبديلي سان ظاهري طور تي اهو لڳي ٿو ته ٽوئيٽر پاڻ فيس بڪ جهڙو سوشل نيٽ ورڪ بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

اهو فيچر اڄ کان ڊيسڪ ٽاپ، ايڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ورجنز ۾ معتارف ٿيڻ شروع ٿيو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين سمورن واهپيدارن کي دستياب هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.