شرجيل خان کي پي ايس ايل ذريعي ٽيم ۾ واپسيءَ جو رستو ٺاهڻو پوندو

شاهه رخ علي سنديلو

هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ آسٽريليا ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ دنيا جي سڀني ٽيمن هاڻ کان ئي تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ چئن سالن کانپوءِ ٿيندڙ مختصر ترين فارميٽ جي عالمي ڪپ لاءِ مختلف ٽيمن طرفان رانديگرن آزمائڻ جو سلسلو به جاري آهي.

ان ڏس ۾ پاڪستان به بنگلاديش خلاف هوم سيريز لاءِ ڪجهه نون رانديگرن کيڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جن ۾ نوجوان بيٽسمين احسن علي، آل رائونڊر عماد بٽ ۽ بگ بيش ليگ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ فاسٽ بالر حارث رئوف کي پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ عثمان قادر، خوشدل شاهه ۽ موسيٰ خان کي به آزمائڻ جو امڪان آهي پر هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته مٿين مهيني پاڪستان سپر ليگ شروع ٿيڻ واري آهي ۽ هن ڀيري اهو ايونٽ مڪمل طور پاڪستان ۾ ٿيندو، جتي ڪيترائي نوجوان پنهنجون صلاحيتون ڏيکاري سگهندا ۽ ان ٽورنامينٽ کانپوءِ يقينن ٽيم مئنيجمينٽ عالمي ڪپ لاءِ اسڪواڊ کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏيندي، ڇو ته ان کانپوءِ آءِ سي سي فيوچر ٽور پروگرام تحت پاڪستان جون عالمي ڪپ کان اڳ رڳو 5 ٽي ٽوئنٽي ميچون شيڊيول آهن.

ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ٽاپ پوزيشن تي موجود قومي ٽيم جيتوڻيڪ گذريل ٻن ٽي ٽوئنٽي سيريزن ۾ سريلنڪا هٿان وائيٽ واش ۽ آسٽريليا هٿان 0-2 تان شڪست جو منهن ڏٺو هو پر ان باوجود گرين شرٽس جو ٽاپ پوزيشن تي قبضو محفوظ آهي ۽ بنگلاديش کي هوم سيريز ۾ هارائي قومي ٽيم اها پوزيشن وڌيڪ مضبوط ڪري سگهي ٿي.

جيڪڏهن پاڪستان سپر ليگ جي ڳالهه ڪجي ته اها مڪمل طور پاڪستان ۾ ٿيڻ سان گڏ شوقينن لاءِ سٺي خبر اها به آهي ته اوپننگ بيٽسمين شرجيل خان جي ڪرڪيٽ ۾ واپسي ٿي رهي آهي ۽ مداح وڏي عرصي کانپوءِ پنهنجي پسنديده بيٽسمين کي ايڪشن ۾ ڏسي سگهندا، جنهن جو هو انتظار ڪندا رهيا آهن.

شرجيل خان، جنهن لاءِ اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي هيڊ ڪوچ ڊين جونز چيو هو ته اهو ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان جي قسمت تبديل ڪري ڇڏيندو، پنهنجي ڪيريئر جي اُڀرندڙ ڏينهن ۾ ئي پابنديءَ جو شڪار ٿي ويو ۽ پي ايس ايل جي ٻئي ايڊيشن ۾ رڳو ٻن ڊاٽ بالز سندس ڪيريئر تي چُٽو هڻي ڇڏيو.

جارحاڻو اوپننگ بيٽسمين اسپاٽ فسڪنگ اسڪينڊل سامهون اچڻ کانپوءِ پي سي بي جي اينٽي ڪرپشن ٽربيونل اڳيان پيش ٿيندو رهيو ۽ بورڊ مٿس 5 سالن جي پابندي مڙهي، جنهن ۾ اڍائي سالن جي معطلي شامل هئي.

شرجيل خان گذريل سال آگسٽ ۾ پابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اينٽي ڪرپشن يونٽ سامهون پيش ٿي ڏوهه جو اعتراف ڪندي غير مشروط معافي گهري هئي ۽ پي سي بي جي بحالي پروگرام ۾ شرڪت کانپوءِ هن پنهنجي لاءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ واپسيءَ جا دَر کولي ڇڏيا ۽ سندس لاءِ سٺي خبر اها آهي ته پي ايس ايل جي ايندڙ ايڊيشن لاءِ ڪراچي ڪنگز کيس گولڊ ڪيٽيگري ۾ چونڊيو آهي.

هاڻ اوپننگ بيٽسمين لاءِ قومي ٽيم ۾ واپسيءَ جو هڪ ئي رستو آهي ته هو پاڪستان سپر ليگ ۾ بهترين پرفارم ڪري نه رڳو تنقيد ڪندڙن جا وات بند ڪري پر سليڪٽرن کي به متاثر ڪري ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ پنهنجي جاءِ پڪي ڪري.

گذريل ڪجهه عرصي ۾ پاڪستاني ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ تي نظر وجهجي ته ٽيم ۾ اوپننگ جا فرض فخر زمان ۽ بابر اعظم انجام ڏيندا رهيا آهن، پاڪستان وٽ جيتوڻيڪ فخر زمان کانسواءِ ٻئي ڪنهن تيز کيڏندڙ بيٽسمين جو آپشن موجود نظر نٿو اچي پر تنهن هوندي سليڪشن ڪميشن ڪجهه عرصي کان خراب ڪارڪردگي سبب کيس بنگلاديش خلاف سيريز کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي، شرجيل خان ان جو فائدو وٺندي پي ايس ايل ۾ ڪجهه بهتر اننگز کيڏي سليڪٽرن جو ڌيان ڇڪائي سگهي ٿو، رهي ڳالهه فخر زمان جي، جيڪڏهن اهو به فارم ۾ موٽي اچي ته سليڪٽرن لاءِ سئو سون.

اهو چوڻ غلط نه هوندو ته مصباح الحق ۽ سندس ڪمپني کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ آسٽريليا جهڙي تيز وڪيٽن تي بابر اعظم سان گڏ ٻئي اوپننگ بيٽسمين جي چونڊ جو مٿي جو سُور هوندو ۽ اندازو هڻي سگهجي ٿو ته اوپننگ لاءِ فخر زمان ۽ شرجيل خان ۾ مقابلو هوندو، جيڪڏهن شرجيل خان پي ايس ايل ۾ سٺي راند جو مظاهرو ڪري ٿو ته سندس ورلڊ ڪپ اسڪواڊ لاءِ شموليت جا امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته فخر زمان به فارم ۾ واپس اچي پنهنجي ضرورت محسوس ڪرائي سگهي ٿو، ان صورتحال ۾ ٽيم مئنيجمينٽ لاءِ ممڪن آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ ٻنهي اوپنرن کي اسڪواڊ جو حصو بڻائي، پوءِ ٻنهي کي موقعو ڏئي ڪپتان جي صورت ۾ بابر اعظم کي ون ڊائون پوزيشن تي کيڏائڻ جي آپشن تي غور ڪيو وڃي.

اهو به ممڪن آهي ته پي ايس ايل ذريعي سليڪشن ڪميٽي کي ڪو اهڙو اوپننگ بيٽسمين نظر اچي وڃي، جنهن کي فخر زمان يا شرجيل خان تي ترجيح ڏني وڃي پر ان جو امڪان تمام گهٽ نظر اچي رهيو آهي، بهرحال جيڪڏهن شرجيل خان کي ٽيم ۾ واپسي اختيار ڪرڻي آهي ته ان وٽ پي ايس ايل ۾ پرفارم ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.