بدين بچايو ڪميٽي جو احتجاجي مارچ شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪڍڻ (ن ع آ ) ضلعو بچايو تحريڪ ڦُليلي ڪئنال تي لڳل غيرقانوني دڪن خلاف ورلڊ بئنڪ کي ڌُر بنائڻ جو فيصلو ڪندي گُهر ڪئي آھي ته اگر هن خريف کان دڪا ختم نه ڪيا ويا ته سڄي ضلعي ۾ لانگ مارچ شروع ڪيا ويندا,ضلعو بچايو تحريڪ جي اڳواڻ مير نوراحمد ٽالپر جي رهائشگاھ تي تحريڪ جي ٿيل هنگامي اجلاس ۾ اتفاق راء سان فيصلو ڪيو ويو آھي ته ڦُليلي ڪئنال تي لڳل دڪن سبب ضلعي جي ويھ لک آبادي مُتاثر ٿي آھي,انسانن,جانورن سان گڏ جهنگلي جيوت جو وڏو نقصان ٿيو آھي اهڙي سڄي عمل ۾ نقصان جي ذميواري آبپاشي کاتي ۽ سيڊا سان گڏوگڏ ورلڊ بئنڪ مٿان به لاڳو ٿئي ٿي ان ڪري سنڌ هاء ڪورٽ ۾ ضلعو بچايو تحريڪ جي ڦُليلي ڪئنال تي لڳل دڪن خلاف آئيني پٽيشن ۾ ورلڊ بئنڪ کي ڌُر بنايو ويندو ڇاڪاڻ ته ورلڊ بئنڪ ڊونر ادارو آھي جنهن جي فنڊز جاري ڪرڻ سان لکين انسانن جي زندگي مُتاثر ٿي آھي .

ان ڪري 22 جنوري تي سيڊا ۽ آبپاشي کاتي پاران توهين عدالت ڪرڻ واري درخواست تي رکيل ٻُڌڻي جي موقعي تي ورلڊ بئنڪ کي به شامل ڪرايو ويندو, اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عدالتي حُڪم جي باوجود سيڊا ۽ آبپاشي کاتي دڪن جي خاتمي لاء مڪمل ڪاميٽي نه جوڙي آھي ڇھ مهينا گُذرڻ باوجود ڪاميٽي مڪمل نه ٿي آھي جنهن ڪاميٽي کي ٽن مهينن ۾ فيصلو ڪرڻو هو سا اڃا جُڙي ئي نه سگهي آھي جڏهن ته ڪاميٽي ۾ جيڪي ميمر موجود آھن انهن کي سيڊا ڪم ڪرڻ کام روڪي رهي آھي جنهن ڪري هاڻ سيڊا ۽ آبپاشي کاتي جي دلاسن تي ڪو اعتماد نه رهيو آھي ان ڪري عدالت کي گُذارش ڪئي ويندي ته دڪن کي سڌي ريت ختم ڪيو وڃي يا جُڊيشل آفيسر جي سربراهي ۾ نئين سري سان ڪاميٽي جوڙي وڃي جنهن ۾ آبپاشي کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري جمال مصطفيءسيد ۽ محمد اسماعيل دائود پوٽو سميت پنجاب جي آبپاشي ماهرن کي شامل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ميرنوراحمدٽالپر,خداڏنوشاھ,خليل ڀُرڳڙي,ميرغُلام رسول ٽالپر,عزيز ڏيرو,غفور چانڊيو,لالا نواز,نبي بخش خاصخيلي,شيراز جعفري,قمبر علي شاھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.