آءِ جي واري معاملي کي هروڀرو سياسي بڻايو پيو وڃي: ناصر شاهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري سيد ناصر شاهه چيو آهي ته آءِ جي پوليس واري معاملي کي هروڀرو سياسي بڻايو پيو وڃي، ٻين صوبن ۾ ايتري واويلا نٿي ٿئي.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيد ناصر شاهه چيو آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي جي آءِ جيز کي هٽائڻ تي ايتري واويلا نٿي ڪئي وڃي، جيڪڏهن ڪارڪردگي کي ڏسنداسين ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ڪارڪردگي ٻين صوبن جي وڏن وزيرن کان تمام بهتر آهي.

هن چيو ته اٽي جو بحران پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ به آهي، پوءِ ڇا وزيراعظم عمران خان اٽي جي بحران جو ذميوار آهي؟ حقيقت ۾ ملڪ ۾ اٽي جي بحران جي ذميوار پي ٽي آءِ حڪومت آهي، ٽرانسپورٽرن جي هڙتال ڇو ٿي، هاڻي سمجهه ۾ اچي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.