پاڪستان جو ‘‘ٽڪ ٽاڪ’’ کان حريم ۽ صندل خلاف ڪارروائي جو مطالبو

لاهور (ويب ڊيسڪ) موبائيل ۽ انٽرنيٽ بابت پاڪستان جي ريگيوليٽر اداري ‘‘پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن’’ (پي ٽي اي) چين جي وڊيو شيئرنگ ايپلي ڪيشن ‘‘ٽڪ ٽاڪ’’ تي تڪراري وڊيوز شيئر ڪندڙ پاڪستاني اسٽارز حريم شاهه ۽ صندل خٽڪ خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

حريم شاهه ۽ صندل خٽڪ پاران ٽڪ ٽاڪ تي ڪيتريون ئي تڪراري وڊيو شيئر ڪرڻ ۽ ڪيتريون ئي شڪايتون ملڻ بعد پي ٽي اي ٽڪ ٽاڪ انتظاميه سان رابطو ڪندي ٻنهي ماڊلز خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ايپ انتظاميه کي خط لکي ڇڏيو.

پاڪستان پاران شڪايت ڪرڻ باوجود ٽڪ ٽاڪ انتظاميه پاران اڃا تائين ڪو به جواب ناهي ڏنو ويو ۽ ماڊلز جي اڪائونٽن کي به معطل ناهي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.