شريف ڀائرن جون عدالت ۾ حاضريءَ کان ڇوٽ واريون درخواستون منظور

لاهور (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ نواز شريف جي حاضري کان معافي ۾ واڌ ڪري ڇڏي جڏهن ته رمضان شوگر ملز ۽ آشيانه ڪيس ۾ شهباز شريف جي مستقل حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظوري ڪري ورتي.

لاهور جي احتساب عدالت ۾ چوڌري شوگر ملز ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ حمزه شهباز ۽ يوسف عباس کي سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت مريم نواز جي ڪزن يوسف عباس ۽ حمزه شهباز جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 31 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي دوران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وڪيل امجد پرويز سندس ميڊيڪل رپورٽون عدالت ۾ جمع ڪرايون ۽ موقف اختيار ڪيو ته نواز شريف جو پرڏيهه ۾ علاج هلي رهيو آهي، ڊاڪٽرن کيس پرڏيهه ۾ ئي رهڻ جي اجازت ڪئي آهي جنهن تي عدالت نواز شريف جي حاضري کان ڇوٽ ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

عدالت آشيانه ۽ رمضان شوگر ملز ڪيس ۾ شهباز شريف جي مستقل حاضري کان ڇوٽ واري درخواست به منظور ڪري ورتي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.