چڪراڳوٺ ۾ گئس چوري ختم ڪرائي وڃي: رهواسي

ڪراچي ( رپورٽر) چڪراڳوٺ جي رهواسين حسن ساريو، آغا غلام نبي، قادر بخش، فهيم، نديم، خالد حسين ساريو ۽ ٻين احتجاج ڪندي ۽ عوامي آواز آڏو دانهيندي چيو آهي ته اسان جي قديم وسندي چڪراڳوٺ ۾ ڪمپريسر هڻي گئس چوري ڪئي وڃي ٿي، جنهن ڪري اسان جي گهر ۾ رڌ پچاءُ جي وقت گئس ناهي هوندي ۽ اسان کي ڪاٺين تي گذارو ڪرڻو پوندو آهي. جڏهن ته هن چوري ٿيندڙ گئس جو اثر سموري ڳوٺ، ايندڙ نسل ۽ سماج تي پوي ٿو، هنن چيو ته هتي منشيات پڻ وڪرو ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جو ڳوٺ ٻين ڪيترين ئي بنيادي سهولتن کان محروم آهي، پر اسان جا چونڊيل نمائندا ننڊ ستل آهن. هنن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي گئس چوري ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري ڳوٺ وارن مان بيچيني واري لهر ختم ڪري وڌيڪ پريشاني کان ڀچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.