ٽنڊو مستي جي روڊن ڀرسان پاڻي جا تلاءُ، گھر ڪرڻ جو خطرو

ٽنڊو مستي (ن ع آ ) ٽنڊو مستي ۾ اسڪارپ کاتي جي لاپرواھي ۽ بي ڌياني ڪري ٽيوب ويل B.83 ڪيترن سالن کان بند پيو آھي جنھن جي ڪري گھرن ۽ روڊن ڀرسان سم جي پاڻي جا تلاء ٿي ويا آھن ۽ گھرن جي ڪرڻ جو خطرو وڌي ويو آھي ۽ تلائن ۾ بيٺل گندي پاڻي جي ڪري مختلف موذي مرضن جي وڌڻ جو خطرو به وڌي ويو آھي رھواسين رضا حسين مري اقبال حسين سومرو ڪامريڊ غلام محمد خاصخيلي ۽ ٻين ميڊيا وارن اڳيان دانھيندي چيو ته ڪيترن سالن کان وٺي ٽيوب ويل بند پيو آھي جنھن جي ڪري سم جو پاڻي وڌي ويو آھي.  اسان اسڪارپ کاتي جي انجنيئر صوبائي وزير سنڌ گورنمينٽ ۽ اعليٰ اختيارن کان گھر ٿا ڪيون ته ٽنڊو مستي خان جو ٽيوب ويل جلد ھلائي سم جي پاڻي تي ڪنٽرول ڪري اسان جي تڪليف ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.