اڳوڻي اداڪارا زائره وسيم کي جنسي هراسان ڪندڙ شخص کي ٽي سال ٽيپ

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اڳوڻي اداڪارا زائره وسيم کي ٽي سال اڳ جنسي طور تي هراسان ڪندڙ شخص کي ٽن سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

دنگل گرل 2017ع ۾ هڪ وڊيو شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ هوءَ جهاز ۾ سفر ڪري رهي آهي ۽ اداڪارا دعويٰ ڪئي ته سفر دوران هڪ شخص کيس جنسي طور هراسان ڪيو جنهن کي هاڻي ٽن سالن جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

زائره وسيم پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ذريعي شيئر ڪيو هو ته دهلي کان ممبئي ويندڙ اڏام ۾ هڪ شخص کيس جنسي حراسان ڪندي پنهنجي پيرن سان منهنجي چيلهه ۽ ڪنڌ کي نامناسب انداز سان ڇهندو رهيو جيڪو سلسلو 5 کان 10 منٽن تائين هلندو رهيو جنهن بعد عملي جي مدد سان پوليس ان شخص کي گرفتار ڪري ورتو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.