ناري ۾ ماڪڙ جو ٻيهر حملو، آبادگارن جا مٿي تي هٿ

چونڊڪو (ن ع آ)ناري تعلقي جي مختلف علائقن ۾ ماڪڙ ھڪ ڀيرو ٻيھر حملو ناري جي علائقن ڪاٺوڙ، تجل،سليمان راڄپر ،گرڊاسٽيشن ،ممتاز چينل نارايٽ سميت ھڪ دفعو ٻيھر ماڪڙ جا ڪٽڪ لھي پيا. ماڪڙ ڪڻڪ ۽ لوسڻ سرنھن ۽ ٻين تيار فصلن تي ڪڙڪي پئي فصلن کي نقصان پھچايو ماڻھو پنھنجي مدد پاڻ تحت گھرن مان سخت سردي باوجود معصوم ٻارن سميت نڪري ٿال وڄائي ماڪڙ تڙڻ لڳا ٻئي طرف ھارين صحافين سان ڳالھائيندي چيو حڪومت فنڊ جاري ڪيا پر ماڪڙ خلاف موثر طريقي سان اسپري نه ٿيو جھاز لامارا ڏئي واپس ھليو ويو پر اسپري فقط مخصوص ھندن تي ٿيو جنھن ڪري سردي ۾ گھٽتائي کان پوءِ وري ماڪڙ اسان جي فصلن کي کائڻ شروع ڪيو آھي جڏنھن ته ماڪڙ ناري جي اڪثر ريگستاني علائقن کي پنھنجي رھائش گاھ بڻائي ورتو آھي روز واري ۾ ماڪڙ جي آنن مان نوان ٻچا ڦٽي جلدي م وڏا ٿين ٿا جيڪي ڪجھ ئي ڏينھن ۾ فصلن طرف رک ڪن ٿا  خدارا حڪومت قدم کڻي ھن آفت مان جان ڇڏائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.