قومي اسيمبلي ۾ شهريار آفريدي جا الزام ۽ راڻا ثناءُ الله جي ترديد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو آهي اهو ثابت ٿي رهندو ته راڻا ثناءُ الله خلاف ڪيس حقيقت آهي، حڪومت ۽ وزارت جوابدار کي ان ڪيس مان ڀَڄڻ نه ڏيندي.

قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي شهريار آفريدي چيو ته راڻا صاحب! توهان 7 مهينا بهانا ڪيا، ويڊيو جي ڳالهه ڪئي وئي، ويڊيو ته راڻا مشهود ۽ ايان علي جي ڪيس ۾ به موجود هئي، راڻا صاحب! توهان تياري ڪيو، 18 تاريخ تي ڪيس آهي ۽ جڏهن ڪيس شروع ٿيندو ته کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي ويندو.

هن چيو ته راڻا ثناءُ الله کي احساس ٿيڻ گهرجي ته عدالت جو فيصلو عدالت ۾ ٿيندو، اهو معاملو پارليامينٽ ۽ ميڊيا سان حل نه ٿيندو، راڻا صاحب قرآن پاڪ هٿ ۾ کڻي ٿو ته ان تي عمل به ڪري، ماڊل ٽائون سانحي جا متاثر به قرآن پاڪ کڻي راڻا ثناءُ الله کان انصاف گهري رهيا آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا: راڻا ثناءُ الله خلاف ڪيس ختم ناهي ٿيو ۽ هو هاڻ به جوابدار آهي: شهريار آفريدي

سندس چوڻ هو ته آئين ۽ قانون جي پاسداري پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، مان ڪنهن به هنڌ ڪو قسم کنيو هو ته جيڪا چور جي سزا اها منهنجي سزا، مان چيو زندگي الله کي ڏيڻي آهي، ان تي مذاق ڪيو ويو پر اهو ثابت ٿي رهندو ته راڻا ثناءُ الله خلاف ڪيس حقيقت آهي.

شهريار آفريدي ن ليگ اڳواڻ کي مخاطب ٿيندي چيو ته ايوانن ۾ ڪنهن کي ٽارگيٽ ڪرڻ ناهيان آيو پر حڪومت ۽ وزارت توهان کي ان ڪيس کان ڀڄڻ نه ڏيندي.

ان موقعي تي راڻا ثناءُ الله جواب ڏيندي چيو ته ماڊل ٽائون ڪيس دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، عدالت 126 ماڻهن جو ٽرائل ڪيو، شاهديون قلمبند ٿي رهيون آهن، ماڊل ٽائون ڪيس ۾ 15 سياستدان شامل آهن، جن مان هڪ مان به آهيان، جڏهن ڪيس جو فيصلو ٿيندو، اهو اسان کي قبول هوندو.


هن چيو ته شهريار آفريدي اڄ وري مون تي ڪيس جي ڳالهه شروع ڪئي، قرآن پاڪ ۾ قسم جو طريقي ڪار لکيل آهي ۽ مان رڳو اهو چيو ته ٻنهي مان جيڪو ڪوڙو هجي، ان تي الله جو قهر نازل ٿئي.

سندس چوڻ هو ته الله کي حاضر ناظر ڄاڻي چوان ٿو ته زندگي ۾ ڪنهن منشيات فروش سان واسطو ناهي رکيو، ڪنهن به پراسيڪيوشن ۾ اڳ جاچ جو عمل آهي، پوءِ ٽرائل ٿيندو آهي پر منشيات جي ڪيس ۾ ڪا جاچ نه ٿي، مون کان ڪنهن آفيسر بيان رڪارڊ نه ڪيو، مان ذاتي طور ڄاڻان ٿو ته شهريار آفريدي کي حقيقت جي خبر آهي پر هروڀرو ڳالهائي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.