اين آءِ سي ايڇ ۾ باهه سبب ٻارڙي جو موت غفلت جو نتيجو قرار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ٻارن جي قومي اداري (اين آءِ سي ايڇ) ۾ باهه سبب ٻارڙي فوت ٿيڻ جو واقعو غفلت جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي صحت واري صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو چيو ته اين آءِ سي ايڇ ڪراچي ۾ باهه جو واقعو غفلت جو نتيجو آهي، جيڪڏهن باهه لڳي ته ٻارڙيءَ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ها.

هن چيو ته باهه لڳڻ کانپوءِ عملي يا پيرا ميڊيڪل اسٽاف ٻارڙي کي بچائڻ جي ڪيتري ڪوشش ڪي؟ ان حوالي سان ڪميٽي جاچ ڪري رهي آهي.

واضح رهي ته 9 جنوري جي صبح اين آءِ سي ايڇ جي ٻي ماڙ تي سرجيل آءِ سي يو جي انڪيوبيٽر ۾ باهه لڳي وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙي سڙي فوت ٿي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.