ميرا پاران اداڪارائن کي وزيراعظم جهڙو پروٽوڪول ڏيڻ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اسڪينڊل ڪوئين ميرا چيو آهي ته اداڪارائن کي به وزيراعظم ۽ ٻين وزيرن جيان عزت ۽ پروٽوڪول ملڻ گهرجي.

اداڪارا ميرا فلم جي بدلي غير اخلاقي مطالبا ڪندڙ شخص جي پيغامن جا اسڪرين شوٽ شيئر ڪندي کيس ست سريون ٻڌائي ڇڏيون

ميرا چيو ته اداڪارائن جو سينما انڊسٽري ۾ وڏو اهم ڪردار هوندو آهي ۽ هو عالمي سطح تي ملڪي ثقافت جي نمائندگي ڪنديون آهن، ادڪارائون نه رڳو محنت سان ڪم ڪنديون آهن پر ملڪ جي وقار لاءِ به پنهنجي پوري زندگي وقف ڪري ڇڏينديون آهن.

اداڪارا وڌيڪ چيو ته وزيراعظم ۽ ٻين وزيرن جيان اداڪارائن کي به عزت ۽ پروٽوڪل ملڻ گهرجي ته جيئن هو پنهنجي ڪم ۽ پاڪستاني فلم انڊسٽري ۾ خدمتون انجام ڏيڻ تي فخر محسوس ڪري سگهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.