آزاد ڪشمير ۾ برفاني ڇِپون ڪرڻ سبب 62 ڄڻا  فوت، ڪيترائي گم

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير ۾ شديد برفباري دوران برفاني ڇِپون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 62 ڄڻا فوت جڏهن ته  ڪيترائي زخمي زخمي ٿي ويا آهن.

آزاد ڪشمير ۾ جاري برساتن ۽ برفباري سبب فوتين جو انگ 62 ٿي ويا. نيلم وادي جي هڪ ئي ڳوٺ سرگن بگوالي ۾ 19 ڄڻا برفاني ڇپن ۾ دٻجي فوت ٿي ويا.

نيلم ۽ ليپا سوڌو مٿانهن علائقن ۾ ٽيلي فون ۽ بجلي جو نظام ڊانوا ڊول ٿي ويو. مختلف ضلعن جا روڊ به برف سبب بند آهن ۽ عوام گھرن ۾ قيد ٿي ويو آهي.

وزيراعظم آزاد ڪشمير راجا فاروق حيدر خان ٻڌايو ته سڄي رياست ۾ برسات ۽ برفباري سبب هن وقت تائين 62 ڄڻا فوت ۽ 47 زخمي ٿي ويا آهن. نيلم وادي ۾ 59 جڏهن ته ڪوٽلي، راولڪوٽ ۽ سڌنوتي ۾ هڪ هڪ شخص فوت، جڏهن ته 56 کان وڌيڪ گھر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن.

ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارتي بابت مملڪتي وزير احمد رضا قادري صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته نيلم وادي ۾ 49 فوتين جا مڙهه ڪڍيا ويا آهن. پاڪ فوج جو هيليڪاپٽر زخمين کي اسپتال منتقل ڪري رهيا آهن، برف هيٺان دٻيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ به ريسڪيو آپريشن جاري آهي جڏهن ته فوتين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو آهي.

اسٽيٽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي ضلعي آفيسر ٻڌايو ته نيلم وادي ۾ اڃا تائين 10 ماڻهو برفاني ڇپ هيٺان دٻيل آهن جن جي ڳولا جاري آهي، پونڇ ۽ سنڌوتي ۾ به هڪ هڪ ڄڻو فوت ٿيو آهي.

قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ اداري نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) سڄي ملڪ ۾ برفباري ۽ برساتن سبب ٿيل نقصان جا تفصيل جاري ڪيا آهن جنهن موجب سڄي ملڪ ۾ برفباري ۽ برساتن سبب هن وقت تائين 77 ڄڻا فوت ٿيا جن مان گھڻن جو واسطو آزاد ڪشمير سان هو جتي 62 جڏهن ته بلوچستان ۾ 15 ڄڻا فوت ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.