موڊيز 5 پاڪستاني بئنڪن جو آئوٽ لُڪ به مستحڪم ڪري ڇڏيو

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) معيشتن جي درجي بندي ڪندڙ اداري موڊيز 5 پاڪستاني بئنڪن جو آئوٽ لُڪ (مستقبل جو منظرنامو) ناڪاري مان مستحڪم قرار ڏئي ڇڏيو.

موڊيز طرفان جن بئنڪن جو آئوٽ لُڪ ناڪاري مان مستحڪم ڪيو ويو آهي، انهن ۾ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان کانسواءِ ٻيون 4 (حبيب بئنڪ لميٽيڊ، الائيڊ بئنڪ لميٽيڊ، مسلم ڪمرشل بئنڪ ۽ يونائيٽيڊ بئنڪ لميٽيڊ) شامل آهن.

موڊيز موجب پاڪستاني بئنڪن طرفان حڪومتي سيڪيورٽيز ۾ ڳري سيڙپڪاري ڪيل آهي، جنهن سبب بئنڪن جي ريٽنگز حڪومت سان ڳنڍجي وئي آهي ۽ حڪومتي آئوٽ لُڪ ۾ بهتري بئنڪن جي بهتري جو سبب به بڻجي رهي آهي.

واضح رهي ته موڊيز تازو ادائيگين جو توازن وڌيڪ بهتر ٿيڻ تي پاڪستان جو معاشي لُڪ آئوٽ ناڪاري مان مستحڪم ڪندي ريٽنگ ”بي ٿري“ برقرار رکي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.