خراب ڪارڪردگي باوجود سريلنڪا خلاف ساڳيا رانديگر کيڏائڻ جو اشارو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا هٿان ٽيسٽ سيريز ۾ بدترين شڪست باوجود هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق توڙي بالنگ ڪوچ وقار يونس سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ساڳين ئي رانديگرن کي موقعو ڏيڻ جي حمايت ڪئي آهي.

آسٽريليا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش شڪست کانپوءِ قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق جو چوڻ هو ته آسٽريليا جو دورو سدائين ڏکيو هوندو آهي، وهاب رياض ۽ محمد عامر جي نه هجڻ سبب نوجوان پيسرز تي ڀاڙڻو پيو، اسان جا بالر آسٽريلوي بيٽنگ لائن کي دٻاءَ ۾ نه آڻي سگهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ايڊيليڊٽيسٽ ۾ به پاڪستان کي شڪست، آسٽريليا وائٽ واش ڪري ڇڏيو

هن چيو ته ڪپتان اظهر علي، ياسر شاهه ۽ محمد عباس جي خراب فارم تي ڳڻتي آهي، سريلنڪا خلاف هوم سيريز سولي نه هوندي، ڇو ته انهن وٽ نوجوان بالنگ اٽيڪ آهي، جيڪو سٺو آهي، اسان کي سٺا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي.

سندس چوڻ هو هاڻ اڳتي لاءِ حڪمت عملي جوڙينداسين، ڪوشش هوندي ته ساڳين رانديگرن کي هڪ ٻيو موقعو ڏيون، مان سريلنڪا خلاف سيريز ۾ انهن کي موقعو ڏيڻ جي حق ۾ آهيان.

هوڏانهن بالنگ ڪوچ وقار يونس جو چوڻ هو ته نوجوان بالر اميدن تي پورا نه لٿا پر سڀ ٽين ايجر آهن، آسٽريليا جي ڪنڊيشن ۾ لائن، لينٿ ۽ ڪنٽرول برقرار رکڻ سولو ڪم ناهي، اهو نٿو چئي سگهجي ته نوجوانن ۾ صلاحيت ناهي.

هن رانديگرن تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ يا ٻن ميچن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪنهن بابت راءِ قائم ڪرڻ درست ناهي، مان 35 سال ڪرڪيٽ ۾ گذاريا، انهن ڇوڪرن کي وقت ڏيڻ گهرجي، مستقبل ۾ اهي ئي پاڪستان جو اثاثو آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.